6 خداوند سچائيءَ سان ڪم ڪندي سڀني مظلومن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو.
6 خداوند سڀني ستايلن لاءِ راستي ۽ انصاف عمل ۾ ٿو آڻي.
ڇاڪاڻ تہ تون مسڪين ماڻهوءَ جو ساڄو هٿ آهين، تانتہ کيس انهن کان بچائين، جيڪي سندس موت جون فتوائون ٿا ڏين.
پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“
هو ستايلن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو، بکايلن کي کاڌو ڏئي ٿو، ۽ قيدين کي ڇڏائي ٿو.
آءٌ پوري دل وَ جان سان تنهنجي واکاڻ ڪندي چوندس تہ ”اي خداوند! تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. تون ئي ڪمزورن کي زورآورن جي هٿن منجھان ڇڏائين ٿو. تون ئي غريبن ۽ محتاجن کي ڦُرمار ڪندڙن کان بچائين ٿو.“
محتاج جڏهن فرياد ٿو ڪري، تڏهن بادشاهہ کيس ڇڏائي ٿو. هو انهيءَ غريب کي ڇڏائي ٿو جنهن جو ڪوبہ مددگار ڪونهي.
شل بادشاهہ قوم جي غريبن جو انصاف ڪندو رهي! شل هو محتاجن کي بچائيندو ۽ ظالمن کي چيڀاٽيندو رهي!
بيشڪ اي خداوند! تون مظلومن جي جاءِپناهہ آهين. تون ئي مصيبت جي وقت تي سندن محفوظ قلعو آهين.
جيڪو غريبن تي ظلم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ پنهنجي خالق جي بيحرمتي ٿو ڪري. مگر جيڪو محتاجن تي رحم ٿو ڪري، سو خدا جي تعظيم ٿو ڪري.
موروثي زمينن جي حدن جي نشانن کي هيڏي هوڏي نہ سوريو، نڪي يتيمن جي ٻنيءَ سان هٿ چراند ڪريو.
تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رننزالن کي ستايو ٿو وڃي.
نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوهان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آهي.‘
پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بيعزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟