Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 103:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اي خداوند جا سگھارا فرشتؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو. هائو، اوهين جيڪي سندس هر حڪم جي بجاآوريءَ لاءِ هميشہ تيار رهو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 اي خداوند جا فرشتا، اوهين جي طاقتوارا آهيو، ۽ هن جي ڪلام جو آواز ٻڌي مٿس عمل ٿا ڪريو، سي کيس مبارڪ چئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 103:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو انهيءَ رات ڇا ٿيو جو خداوند جو هڪڙو ملائڪ نڪري آيو ۽ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ماڻهن ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


اي انهيءَ جا آسماني لشڪرؤ! اوهين سندس واکاڻ ڪريو، هائو، اي انهيءَ جا سڀيئي ملائڪؤ! اوهين کيس سڳورو چئو.


ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي واکاڻ پيا ڪن، ڇوجو هن جي حڪم سان ئي سڀڪو پيدا ٿيو آهي.


اي فرشتؤ! اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. هائو، هن جي جلال ۽ قدرت جي واکاڻ ڪريو.


۽ انسانن کي فرشتن واري خوراڪ کارايائين. هن انهن ڏانهن ايتري خوراڪ موڪلي جيتري اهي کائي ٿي سگھيا.


هن جي چوڌاري شعلي جيان ڀڙڪندڙ مخلوق بيٺي هئي. انهن مان هر هڪ کي ڇهہ ڇهہ پر هئا، جن مان ٻن پرن سان هنن منهن لڪايا، ٻن پرن سان پنهنجا پير ڍڪيائون ۽ ٻہ پر سندن اڏامڻ لاءِ هئا.


جهڙيءَ طرح اڳ ۾ دارا مادئيءَ جي بادشاهيءَ جي پهرئين سال ميڪائيل جو ساٿ ڏيڻ ۽ کيس زور وٺائڻ لاءِ آءٌ ئي اُٿي کڙو ٿيو هئس.“


خداوند پاڻ پنهنجي انهن بي‌شمار ڪٽڪن جي اڳواڻي ڪندو، هائو، انهن لشڪرن جي جيڪي سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪن ٿا. بيشڪ خداوند جي عدالت جو ڏينهن ايڏو تہ هيبتناڪ آهي، جو ڪوبہ انهيءَ ڏينهن بيهي نہ سگھندو.


تون نہ ٿو ڄاڻي ڇا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ هو هينئر ئي منهنجي مدد لاءِ ٻارهن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟


۽ تنهنجي بادشاهي اچي. تنهنجي مرضي جيئن آسمان تي پوري ٿئي ٿي، تيئن زمين تي بہ ٿئي.


تنهن تي ملائڪ وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ خدا جي حضور ۾ حاضر رهندو آهيان. خدا ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان.


ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ