اي اوهين! جيڪي انهيءَ جي بندي ابراهيم جو نسل آهيو، اوهين خدا جي انهن عجيب ڪمن کي ياد ڪريو، جيڪي هن ڪيا آهن. هائو، اوهين! جيڪي سندس چونڊيل يعقوب جو اولاد آهيو، اوهين هن جي معجزن ۽ سندس ٻڌايل فيصلن کي ياد رکو.
مصر ۾ اسان جي ابن ڏاڏن خدا جي عجيب ڪمن کي ڪين سمجھيو. هنن سندس رحمت جي گھڻائيءَ کي بلڪل وساري ڇڏيو هو، بلڪ خدا تعاليٰ جي خلاف ڳاڙهي سمنڊ تي فساد ڪيو هئائون.