Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 103:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هو ڄاڻي ٿو تہ اسين ڇا مان ٺهيل آهيون. هائو، کيس اهو ياد رهي ٿو تہ اسين رڳو خاڪ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇو جو هن کي اسان جي طبيعت جي خبر آهي؛ ۽ ياد اٿس تہ اسين خاڪ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 103:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.


تو کي سخت پورهيو ڪري پنهنجي بدن جي پگھر جي ماني کائڻي پوندي، جيستائين تون موٽي مٽيءَ ۾ نہ وڃين، جنهن مان تون ٺهيو هئين. تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.“


اي خدا! ياد ڪر تو ئي تہ مون کي چيڪي مٽيءَ مان بڻايو هو، ڇا انهيءَ لاءِ تہ مون کي وري خاڪ ۾ ليٿڙائيندو رهين؟


آءٌ، جيڪو وڻ مان ڪريل رڳو هڪ پن مثل آهيان، تنهن کي ستائيندين ڇا؟ آءٌ، جيڪو بُهہ جي رڳو هڪ ڪک مثل آهيان، تنهن جي پٺيان پوندين ڇا؟


ڀلا جي تون منهنجو ڪو قصور سمجھين ٿو تہ اهو معاف ڇو نہ ٿو ڪرين؟ تون منهنجي هيءَ مصيبت مون تان ڇو نہ ٿو ٽارين؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجي قبر ۾ وڃي پوڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس، جو جڏهن تون مون ڏانهن نهاريندين، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.“


اي خداوند! ڏس، منهنجي زندگي ڪيتري نہ ٿوري آهي! ڏس، تو بني آدم کي ڪيڏو نہ فاني بڻايو آهي!


اهڙيءَ طرح انسان جو خاڪي بدن موٽي وڃي خاڪ سان ملندو ۽ حياتي ڏيندڙ ساهہ خدا موٽائي وٺندو.


اهڙيءَ طرح اهي حقيقت کي ابتو ڪري ٿا ڇڏين. ڀلا ڇا ڪنڀر کي مٽيءَ جي برابر ليکيو ويندو؟ ڇا ڪنهن جي جوڙيل شيءِ پنهنجي جوڙيندڙ بابت چوندي تہ ”هن مون کي نہ جوڙيو آهي“؟ ڇا مخلوق پنهنجي خالق کي چوندي تہ ”تون مون بابت ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻين“؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ