بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.
انهن ڏينهن ۾ اسرائيل توڙي يهوداہ وارن ۾ ڪو گناهہ ڳوليو بہ نہ لڀندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن مان جن کي باقي بچائي وٺندس، تن جو هر گناهہ ۽ هر خطا معاف ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
تون وري اسان تي رحم ڪري اسان جا سمورا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندين. بلڪ تون اسان جي گناهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندين، ۽ اسان جي سمورين خطائن کي سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندين.