Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 103:1 - Muslim Sindhi Bible

1 آءٌ پنهنجي دل سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، هائو، پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس پاڪ نالي جي واکاڻ ڪريان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ؛ ۽ جيڪي منهنجي اندر آهي سو سڀ هن جي پاڪ نالي کي مبارڪ چوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 103:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند جي سڄي خلقت! انهيءَ جي واکاڻ ڪر، انهيءَ جي پوري بادشاهت ۾، هائو، هر هنڌ کيس سڳورو چئُہ. آءٌ بہ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو.


آءٌ دل وَ جان سان تو خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو. اي خداوند منهنجا خدا! تون بيحد عظيم آهين، عظمت ۽ حشمت تو کي لباس جيان پهريل آهن.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. آءٌ سچارن جي گڏجاڻيءَ ۾، پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند جو شڪر ڪندس.


اي خداوند! آءٌ پوريءَ دل سان تنهنجو شڪرانو ادا ڪندس. منهنجي آڏو ڪهڙو بہ معبود هجي، تہ بہ آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ ڳائيندس.


اي منهنجا خدا بادشاهہ! آءٌ تنهنجي تعظيم پيو ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي کي هميشہ سڳورو چوندو رهندس.


آءٌ مُرڪندڙ چپن سان تنهنجي واکاڻ پيو ڪندس، ائين آءٌ ڄڻ سڻڀا سڻڀا طعام کائي ڍءُ ڪندس.


بيشڪ هو ئي پاڪ آهي. شل سڀيئي قومون سندس عظيم، ۽ هيبتناڪ نالي جي واکاڻ ڪن.


اهي هڪٻئي کي سڏي چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، قادرِمطلق خداوند بلڪل پاڪ آهي، سڄي ڌرتي سندس جلال سان ڀرپور آهي.“


خدا روح آهي، سو اهو ضروري آهي تہ عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي سندس عبادت ڪن.“


پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟ تڏهن آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ دماغ سان بہ. آءٌ روح سان بہ واکاڻ ڳائيندس ۽ دماغ سان بہ.


سو منهنجي دعا آهي تہ ڄاڻ ۽ هر طرح جي سمجھہ سان گڏوگڏ اوهان ۾ محبت گھڻي کان گھڻي وڌندي وڃي،


مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.


انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، خداوند قادرِمطلق خدا، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ