11 منهنجي حياتي شام جي وهامندڙ پاڇي وانگر گذرندي ٿي وڃي، ۽ آءٌ گاهہ وانگر ڪومائبو ٿو وڃان.
11 منهنجي ڄمار پاڇي وانگي گذرندي وڃي؛ آءٌ گاهہ وانگيان ڪومائجي ويو آهيان.
اهي گل وانگر ٽڙي نڪرن ٿا، ۽ پوءِ ڪومائجي وڃن ٿا. هو پاڇي وانگر جلدي لنگھي وڃن ٿا، ۽ هڪ هنڌ ڪين بيهن ٿا.
هن مون کي هر طرف کان برباد ڪري ڇڏيو آهي، هائو، آءٌ تہ ناس ٿي ويو آهيان. هن منهنجي اميد کي وڻ وانگر پاڙان پٽي اڇلايو آهي.
جيئن ماڪڙ کي ڪپڙي تان هڪدم ڇنڊي اڇلائجي ٿو، ۽ جيئن شام جا لهندڙ پاڇا جلدي گم ٿيو وڃن، تيئن ئي منهنجي زندگي بہ جلدي گم ٿيندي وڃي ٿي.
انسان تہ رڳو ٻاڦ مثل آهي، جنهن جي حياتي هڪ پاڇي جيان گذري وڃي ٿي.
بيشڪ زندگيءَ جي معنيٰ سمجھہ کان مٿاهين آهي، اها پاڇي وانگر جلدي وهامي وڃي ٿي. ڪير ٿو ڄاڻي تہ سندس لاءِ ڪهڙي ڳالهہ چڱي آهي يا ڪهڙي خراب؟ ڪنهن کي خبر آهي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟
آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان، جن تي خدا پنهنجي غضبناڪ لٺ سان عذاب نازل ڪيو.
جڏهن تہ دولتمند ايمان واري کي هيٺاهين درجي تي، ڇاڪاڻ تہ دولتمندي جھنگلي گل وانگر ڪومائجي ويندي.
ڏسو، اوهان کي تہ ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي زندگي آهي ئي ڇا؟ اوهين تہ هڪڙي ٻاڦ آهيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.
هن ڪري جو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”هر انسان گاهہ مثل آهي، انهيءَ جو سمورو شان وَ شوڪت گاهہ جي گل وانگر آهي. گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.