Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 100:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اوهين گيت ڳائيندي خداوند جي حضور ۾ حاضر ٿيو، ۽ خوشيءَ سان سندس عبادت ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 خوشيءَ سان خداوند جي عبادت ڪريو: ۽ گيت ڳائيندا سندس حضور ۾ اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 100:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آخري ڏينهن تي بادشاهہ سليمان ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن روانو ڪيو. سو اهي کيس دعائون ڪندا هليا ويا ۽ جيڪي ڀلايون خداوند پنهنجي ٻانهي دائود ۽ پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل سان ڪيون تن جي ڪري هو دل ۾ بيحد خوش ۽ سرها هئا.


پوءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ سندس عملدارن لاوين کي حڪم ڏنو تہ ”دائود بادشاهہ ۽ آسف غيبدان جا چيل خدا جي تعريف جا گيت ڳايا وڃن.“ سو سڀني ماڻهن خوشيءَ سان واکاڻ جا گيت ڳايا ۽ پنهنجا سر جھڪائي سجدو ڪيائون.


حزقياہ بادشاهہ ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمتن جو نئين سر انتظام ڪيو. انهن کي هيڪل جي هر ڪا خدمت ڪرڻي هئي، جنهن ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪرڻيون هيون ۽ هيڪل جي اڳيان خداوند جي شڪرگذاري ۽ سندس واکاڻ جا گيت ڳائڻا هئا.


هاڻ جڏهن آءٌ ماضيءَ کي ياد ٿو ڪريان تہ منهنجي دل روئڻ لاءِ ڀرجي اچي ٿي. ڪيئن نہ انبوہ سان گڏ سندن اڳواڻي ڪندي آءٌ تو خدا جي گھر ايندو هئس، هائو، عيد ملهائيندڙ انبوہ سان گڏ خوشيون ڪندي ۽ واکاڻ ڳائيندي.


تو مون کي ڇڏايو آهي، سو آءٌ گيت ڳائيندي تنهنجي واکاڻ ڪندس. هائو، آءٌ دل وَ جان سان خوشيون ملهائي تنهنجي تعريف ڪندس.


اچو تہ اسين شڪرگذاري ڪندا انهيءَ جي حضور ۾ حاضر ٿيون، ۽ گيت ڳائيندي هن جي آڏو خوشيءَ جا نعرا هڻون.


اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئرون، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ مليو آهي، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


اها اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت


جيئن تہ هر شيءِ جي گھڻائيءَ هوندي بہ اوهان خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي تابعداري نہ ڪئي،


خداوند عيسيٰ ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ