Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 10:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هو ڳوٺن منجھہ ڳجھين جاين تي تاڙ ۾ ويهن ٿا، تان‌تہ انهن کي قتل ڪن جيڪي بي‌گناهہ آهن. هنن جون اکيون ڳجھيءَ طرح لاچارن کي پيون تاڙين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 هو ڳوٺ جي ڳجهين جاين ۾ ويهي ٿو: ۽ لڪل جاين ۾ بي گناهہ کي قتل ٿو ڪري: هن جون اکيون ڳجهيءَ طرح لاچار تي کُتل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 10:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان کان علاوہ منسيءَ ايترو تہ بي‌گناهہ رت وهايو جو يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رت سان ڀري ڇڏيائين. انهيءَ کان سواءِ منسيءَ اهو گناهہ بہ ڪيو جو يهوداہ وارن کي گمراهہ ڪري کانئن اهڙا ڪم ڪرايائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


رات جي وقت خوني ماڻهو چور بڻجيو وڃي، ۽ پرهہ ڦٽندي ئي هو غريب ۽ محتاج کي ڪهي ٿو.


هاڻ بہ انهن مون کي قدم قدم تي اچي گھيريو آهي، هو مون کي پٽ تي ڪيرائڻ لاءِ تاڙ ڪيو ويٺا آهن.


اهي رنن‌زالن ۽ يتيمن کي قتل ڪندا ٿا رهن، ۽ انهن ۾ رهندڙ ڌارين کي ڪهندا ٿا وتن.


انهن بدڪار ماڻهن وانگر نہ ٿيو، جيڪي ڪنهن ايماندار ماڻهوءَ کي لٽڻ ڦرڻ جا منصوبا ٿا جوڙين، ۽ انهيءَ جي ڪٽنب وارن کي نقصان ٿا پهچائين.


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


جڏهن انهيءَ جو لشڪر اسان کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي جيان نڪري آيو هو، هائو، اهي اهڙا سرها ٿي لڳا، جو ڄڻ تہ لڪي ويل مسڪينن کي ڳهي وڃڻ وارا هجن، تڏهن تو انهيءَ جي سپهہ‌سالار کي سندس ئي تيرن سان چيري ڇڏيو هو.


انهيءَ کان پوءِ خداوند ستر شاگرد ٻيا بہ مقرر ڪيا ۽ کين ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ هر انهيءَ شهر ۽ ڳوٺ ڏانهن پاڻ کان اڳ ۾ روانو ڪيو جتي کيس وڃڻو هو.


تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو عيسيٰ شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو پئي وتيو. سندس ٻارهن شاگرد بہ ساڻس گڏ هئا.


سو سڪم جي اڳواڻن ابيملڪ جي خلاف جبلن جي چوٽين تي ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا. اهي انهيءَ رستي سان لنگھندڙ سڀني ماڻهن کي پيا لٽيندا ڦريندا هئا. اها ڳالهہ ابيملڪ کي ٻڌائي ويئي.


تڏهن بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ ”تون اُٿ ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر.“ پوءِ دوئيگ ادوميءَ اُٿي ڪاهنن تي حملو ڪيو. انهيءَ ڏينهن هن پنجاسي ڪاهن ماريا، جيڪي سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پائيندا هئا.


تنهنڪري ڏسو، هن جي لڪڻ واريون سڀ جايون معلوم ڪريو ۽ پڪي معلومات کڻي وري مون وٽ اچو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس ۽ جيڪڏهن هو يهوداہ ملڪ ۾ هوندو تہ آءٌ انهيءَ پوري ملڪ مان هن کي ڳولي ڪڍندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ