Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 10:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پر تون ئي تہ ڏسين ٿو پيو، هائو، جيڪي ڏک ۽ غم ۾ آهن تن تي تنهنجي نگاهہ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن جي مدد ڪرين. لاچار ۽ يتيم پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪن ٿا، هنن جو مددگار تون ئي تہ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تو ڏٺو آهي: ڇو جو تون دغا ۽ بغض تي نگاهہ ٿو رکين، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي هٿ سان انهي جو بدلو ڏين: لاچار پاڻ کي تنهنجي حوالي ٿو ڪري؛ تون ئي يتيمن جو مددگار آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 10:14
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو ۽ سندس ملائڪ آسمان مان هاجرہ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ”اي هاجرہ! تو کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.


تڏهن هن چيو تہ ’اکيون مٿي کڻي ڏس تہ جيڪي ٻڪر ڌڻ تي پون ٿا سي سڀ پٽاپٽي، دٻڪن وارا ۽ چٽڪمرا آهن، ڇاڪاڻ تہ مون اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو آهي جيڪو لابن تو سان ڪندو رهيو آهي.


ٿي سگھي ٿو تہ مون کي پهتل هن رنج تي خداوند نظر ڪري ۽ اڄوڪي لعنت جي عيوض هو منهنجو ڀلو ڪري.“


’مون ڪالهہ نابوت ۽ سندس پٽن جو خون ڏٺو. سو آءٌ بہ واعدو ٿو ڪريان تہ تو کان بہ هن ساڳي ئي هنڌ تي بدلو وٺندس.‘“ ييهوءَ پنهنجي ساٿيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻي هن جو لاش کڻي انهيءَ زمين ۾ اڇلائي ڇڏ تہ جيئن جيڪي خداوند فرمايو هو سو پورو ٿئي.“


اهڙيءَ طرح بادشاهہ يوآس زڪرياہ جي پيءُ جا اهي احسان بہ وساري ڇڏيا جيڪي هن ساڻس ڪيا هئا، بلڪ سندس پٽ کي مارائي ڇڏيائين. زڪرياہ مرڻ وقت پڪاري چيو تہ ”شل خداوند اهو ڏسي ۽ اوهان سڀني کان انهيءَ جو حساب وٺي.“


تڏهن تون عرش عظيم مان ٻڌي پنهنجي ٻانهن جو انصاف ڪج. گنهگار کي سندس افعالن جي جوڳي سزا ڏج ۽ سچار کي بي‌ڏوهي قرار ڏيئي سندس سچائيءَ موجب اجر ڏج.


هاڻي تون مون کان پري نہ ٿيءُ، ڇوجو مصيبت ويجھي آهي، ۽ منهنجو ڪو ئي بہ مددگار ڪونهي.


تو مون کي دشمن جي هٿ قيدي بڻائي نہ رکيو آهي، بلڪ تو مون کي آزادي عطا ڪئي آهي.


اي خداوند! تو پاڻ اهو ڏٺو آهي، سو هاڻي تون خاموش نہ رهہ. اي منهنجا ڌڻي! تون مون کان منهن نہ موڙ.


اي خدا! اسين پنهنجيون تڪليفون تو آڏو ٿا رکون. تون خداوند ئي اسان جي سنڀال ڪندين، ۽ ڪنهن بہ سچار کي ڪڏهن لوڏو کائڻ نہ ڏيندين.


خدا، جيڪو پنهنجيءَ پاڪ جاءِ اندر رهي ٿو، سو يتيمن جو پيءُ ۽ رنن‌زالن جو ڀرجھلو آهي.


خدا اڪيلن ماڻهن کي خاندانن وارو ڪري ٿو. هو قيدين کي ڇڏائي ٿو ۽ کين خوشحال ڪري ٿو، پر جيڪي فسادي ماڻهو آهن سي ٺوٺ زمين ۾ رهن ٿا.


خدا بني اسرائيل تي نظر ڪئي ۽ سندن سار لڌائين.


اوهين ڪنهن رن‌زال يا يتيم کي نہ ڏکوئجو.


جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي چادر گروي رکو بہ تہ سج لهڻ کان اڳ ۾ کيس موٽائي ڏجو،


جيڪي مغرور آهن، تن جا پڪا گھر بہ خداوند برباد ڪريو ڇڏي. مگر جيڪي رنون‌زالون آهن، تن جي ملڪيت جي هو حفاظت ٿو ڪري.


خداوند هر هنڌ حاضر آهي، هو چڱن توڙي بڇڙن سڀني تي نظر رکي ٿو.


سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟


ڏسو، اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا تنهن تي منهنجي نظر آهي. ڇا اوهان جا ڪم مون کان ڳجھا آهن؟ ڇا اوهان جي ڪا بدڪاري مون کان لڪل آهي؟


هائو، آءٌ آسمان ۾ توڙي زمين تي هر هنڌ موجود آهيان، تہ پوءِ ڇا ڪو انسان پاڻ کي ڪنهن اهڙي ڳجھي هنڌ لڪائي سگھي ٿو جتي آءٌ کيس ڏسي نہ سگھان؟


’آءٌ اوهان جي يتيم ٻارن جي سنڀال لهندس، ۽ اوهان جي رنن‌زالن جي حفاظت ڪندس.‘“


هڪ تباهي مچائيندڙ لشڪر بابل تي ڪاهي آيو آهي. بابل جا جنگي جوڌا پڪڙيا ويا آهن، ۽ انهن جا جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويا آهن. بيشڪ آءٌ خداوند بدلو وٺندڙ خدا پورو پورو بدلو ٿو وٺان.


اي خداوند! تون مون تي ظلم ٿيندي ڏسين ٿو. هاڻي تون منهنجي حق ۾ فيصلو ڏي.


جيڪي بہ سازشون هنن وير وٺڻ لاءِ جوڙيون آهن، تن سڀني تي غور ڪر.


اشور جو لشڪر اسان کي بچائي نہ سگھندو، نڪي جنگي گھوڙا اسان کي بچائي سگھندا. هاڻي اسين پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن کي وري نہ چونداسين تہ ’اوهين اسان جا خدا آهيو،‘ بيشڪ اي خداوند! تون ئي آهين، جيڪو اسان يتيمن تي رحم ڪري سگھين ٿو.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جيڪا سرڪشي ڪئي آهي، سا آءٌ کين معاف ڪري ڇڏيندس. آءٌ کُليءَ دل سان ساڻن پيار ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هاڻي هنن مٿان منهنجو غصو ٽري ويو آهي.


سو اي صور، صيدا ۽ فلستيہ جي سڀني علائقن جا رهاڪؤ! اوهان جي حيثيت آهي ئي ڇا؟ اوهان ائين ڪرڻ سان مون کان ڪو بدلو ورتو آهي ڇا؟ جي ائين آهي تہ هاڻي آءٌ وري اوهان کان هڪدم بدلو وٺندس.


پر تنهنجيون اکيون اهڙيون تہ پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسڻ نہ ٿيون چاهين. تون تہ ظلم کي برداشت نہ ٿو ڪري سگھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو دغابازن کي برداشت ڪرين؟ جڏهن بڇڙا ماڻهو پاڻ کان چڱن کي ماري ٿا ڇڏين، تڏهن ڇو تون ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؟


هو يتيمن ۽ رنن‌زالن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو. هو اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان پيار ٿو ڪري ۽ کين کاڌو ۽ ڪپڙو ٿو ڏئي.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


تنهنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب تڪليفون ٿا سهن، سي نيڪ ڪم ڪندي پنهنجو پاڻ کي سچي خالق جي حوالي ڪن.


ائين ڪندي پنهنجيون سموريون ڳڻتيون انهيءَ تي رکو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جو فڪر آهي.


تڏهن ادوني‌بزق چوڻ لڳو تہ ”ستر بادشاهہ جن جي هٿن پيرن جا آڱوٺا وڍيل هئا، سي منهنجي دسترخوان تي ڪريل مانيءَ جا ڀورا گڏ ڪري کائيندا هئا. هاڻ خدا بہ بدلي ۾ مون سان ائين ئي ڪيو آهي جيئن مون انهن سان ڪيو هو.“ پوءِ کيس يروشلم ۾ آندو ويو جتي هو مري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ