Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 10:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اي خداوند خدا! اُٿي کڙو ٿيءُ، ۽ بدڪارن تي پنهنجو هٿ بلند ڪر. جيڪي مسڪين ڏک ۾ آهن تن کي تون نہ وسارج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 اي خداوند، اُٿ: اي خداوند، پنهنجو هٿ مٿي کڻ: غريبن کي نہ وسار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 10:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪيستائين، اي خداوند! ڇا تون مون کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندين؟ ڪيستائين تون مون کان پنهنجو منهن موڙيو رکندين؟


اي خداوند! اُٿي کڙو ٿيءُ، حملو ڪري انهن کي ڪيرائي وجھہ. پنهنجي تلوار کڻ ۽ مون کي انهن شريرن کان بچاءِ.


جن کي تون پنهنجي زورآور هٿ سان دشمنن کان بچائين ٿو، هائو، جيڪي تنهنجي پناهہ ٿا وٺن، تن کي پنهنجي عجيب شفقت ڏيکار.


اُٿ اي خداوند، منهنجا خدا! مون کي بچاءِ، منهنجي دشمنن جي منهن تي مڪ وهائي ڪڍ. هائو، انهن بڇڙن ماڻهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ.


اي خداوند! تون پنهنجي قهر وَ غضب سان اُٿ، تون منهنجي دشمنن جي غضب آڏو اُٿي کڙو ٿيءُ. اُٿ، اي خداوند! منهنجي مدد ڪر، ۽ حڪم ڏي تہ جيئن انصاف ٿئي.


سو اسين جيڪي تنهنجي پاليل ڳيري مثل آهيون، تن جي جان انهن جھنگلي جانورن جي حوالي نہ ڪر. تون پنهنجي قوم جي ڏکويل حياتيءَ کي هميشہ لاءِ وساري نہ ڇڏ.


ڇا خدا رحم ڪرڻ وساري ڇڏيو آهي؟ ڇا هن غصي وچان پنهنجيءَ ٻاجھہ کي روڪي ڇڏيو آهي؟


خدا مظلومن کي ياد رکي ٿو، ۽ انهن جون دانهون ٻڌي ٿو. هو ظالمن کان مظلومن جو بدلو وٺڻ بلڪل نہ ٿو وساري.


اي خداوند! مون تي رحم ڪر، ۽ دشمنن کان مليل منهنجي ڏک تي نظر ڪر. تون مون کي موت جي دروازن تان اٿاري آڻ،


سو اي خداوند! تون اُٿي کڙو ٿيءُ، متان اهي قومون غلبو حاصل ڪري وٺن، بلڪ تون انهن کي پنهنجي عدالت ۾ آڻي بيهار.


اُٿ اي خدا! تون جيڪو سڄي جهان جو انصاف ٿو ڪرين، سو مغرورن کي ڪا جوڳي سزا ڏي.


اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.


خداوند غير قومن کي فرمائي ٿو تہ ”هاڻي آءٌ اُٿي کڙو ٿيندس، هائو، هاڻي آءٌ پنهنجو ڪم ڪندس، ۽ پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندس.


اهڙيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجي دشمنن تي غالب پوندا، ۽ سڀني کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا.


تڏهن سمسون خداوند کي پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! مهرباني فرمائي مون کي ياد ڪر. اي خدا! مهرباني ڪري هڪڙو دفعو وري مون کي طاقت بخش تہ هڪڙي ئي وار ۾ آءٌ فلستين کان پنهنجين ٻن اکين جو وير وٺان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ