Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 10:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي خداوند، تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ ۽ ڏکيءَ ويل تون پاڻ کي ڇو ٿو لڪائين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 10:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟ ڇو تون مون کي پنهنجو دشمن ٿو سمجھين؟


آءٌ اتر ۾ سندس ڳولا ٿو ڪريان، تہ بہ مون آڏو ظاهر ڪين ٿو ٿئي، جيڪڏهن ڏکڻ ۾ سندس ڳولا ٿو ڪريان، تڏهن بہ ڪين ٿو ملي.


پر جيڪڏهن خدا انهن بدڪار حاڪمن کي ڪجھہ بہ نہ ڪري، تڏهن ڪير آهي جو مٿس الزام آڻي سگھي؟ يا جيڪڏهن هو غريبن کان منهن موڙي ڇڏي، تڏهن ڪير آهي جنهن کي سندس مدد حاصل ٿي سگھي؟ پر حقيقت ۾ هو ائين نہ ٿو ڪري، بلڪ هڪڙو ماڻهو هجي يا پوري قوم، سڀني تي هو هڪجهڙي حڪمراني ڪندو رهي ٿو.


منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو ڇو مون کي ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ ۽ دانهن ٻڌڻ کان ڇو دور ٿو رهين؟


سو تون مون کان پنهنجو منهن نہ موڙ، ۽ ڪاوڙ مان پنهنجي ٻانهي کي پاڻ وٽان لوڌي نہ ڪڍ. تون ئي تہ منهنجو مددگار آهين، مون کي پاڻ کان پري نہ ڪر. اي منهنجا بچائيندڙ خدا! تون مون کي ڇڏي نہ ڏي.


اي خداوند! تو پنهنجي ڪرم سان مون کي عظمت ۽ طاقت عطا ڪئي هئي. پر جڏهن تو مون کان منهن موڙيو، تڏهن مون کي ڊپ ورتو هو.


تون اسان کان پنهنجو منهن ڇو ٿو موڙين؟ تون اسان جي مصيبت ۽ مظلوميءَ کي ڇو ٿو وسارين؟


اسان کي شڪست ڏيئي ڌرتيءَ تي ڪيرايو ويو آهي، ايتري قدر جو اسين مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿي ويا آهيون.


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


اي خداوند! ڪهڙي سبب مون کي رد ٿو ڪرين؟ ڇو تون مون کان پنهنجو منهن ٿو موڙين؟


اي بني اسرائيل جي اميد! اي مصيبت ۾ اسان کي بچائيندڙ! ڇو تون پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين وانگر ٿو رهين؟ ڇو تون انهيءَ مسافر وانگر ٿو رهين، جنهن کي رڳو هڪڙي رات رهڻي هجي؟


ڇو تون حيرت ۾ ورتل ماڻهوءَ وانگر ٿيو آهين؟ يا وري هڪ اهڙي بهادر وانگر جيڪو طاقت رکڻ جي باوجود بہ ڪنهن کي بچائي نہ ٿو سگھي؟ اي خداوند! تون تہ اسان منجھہ ٿو رهين، ۽ اسين تنهنجا ئي ٿا سڏجون، سو اسان کي ڇڏي نہ ڏي.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ