Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 9:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سو ڪنهن هٺيلي ماڻهوءَ کي سڌارڻ جي ڪوشش نہ ڪريو، متان هو اوهان کان نفرت ڪرڻ لڳي. البت ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي اوهين تنبيهہ ڪندا تہ هو اوهان جي عزت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ٺٺولي ڪندڙ کي ملامت نہ ڪر تہ متان هو توکي ڌڪاري: ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي ملامت ڪر تہ اُهو توکي پيار ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 9:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ناتن نبي آيو آهي. جڏهن ناتن نبي بادشاهہ جي اڳيان آيو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين.


پوءِ بادشاهہ دائود صدوق ڪاهن، ناتن نبيءَ ۽ بناياہ ولد يهويدع کي پاڻ وٽ سڏايو. جڏهن هو وٽس آيا،


اخي‌اب وراڻيو تہ ”هائو، هڪڙو نبي باقي آهي جيڪو املہ جو پٽ ميڪاياہ آهي. انهيءَ کان اسين خداوند جي مرضي معلوم ڪري سگھون ٿا پر مون کي کانئس نفرت آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حق ۾ ڪڏهن بہ ڪا چڱي پيشن‌گوئي نہ ٿو ڪري، بلڪ هميشہ منهنجي خلاف ٿو ڪري.“ يهوسفط کيس چيو تہ ”اوهان کي ائين چوڻ نہ گھرجي.“


سچار ماڻهو ڀل مون کي جھڻڪن بلڪ کڻي مار بہ ڏين، اها آءٌ سندن مهرباني سمجھندس. پر بڇڙن سان واسطو رکڻ سان توڙي جو وڏو مان ملي، سو بہ مون کي قبول ناهي. اٽلندو انهن جي بڇڙاين خلاف آءٌ دعا گھرندو رهندس.


هنن نصيحتن مان ڏاها ماڻهو وڌيڪ ڏاهپ ۽ سمجھدار ماڻهو وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا،


ڏاها ماڻهو سٺي صلاح ٻڌي اها مڃين ٿا، مگر بڪواسي بي‌وقوف ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏين.


سمجھہ وارا ٻار تہ پنهنجي والدين جي تربيت تي عمل ٿا ڪن، مگر هٺيلا ڪنهن جي تنبيهہ تي بہ ڪو ڌيان نہ ٿا ڏين.


جيڪو نصيحت نہ ٿو مڃي، تنهن کي غربت ۽ خواري حاصل ٿيندي. مگر جيڪو تنبيهہ تي ڌيان ٿو ڏئي، سو عزت حاصل ڪندو.


هٺيلو ماڻهو تنبيهہ کي پسند نہ ٿو ڪري، تنهنڪري هو عقلمندن جي مجلس ۾ هرگز نہ ٿو وڃي.


ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻڻ سان اٻوجھہ ماڻهو هوشيار ٿي وڃي ٿو، پر سمجھہ وارو تنبيهہ ڪرڻ سان ئي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو.


سچائي، ڏاهپ، سکيا ۽ سمجھہ ملهہ ڏيئي بہ خريد ڪرڻ گھرجي، انهن کي اوهين پاڻ کان هرگز جدا نہ ڪريو.


بي‌وقوفن آڏو ڏاهپ واريون ڳالهيون نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن جو ڪو قدر نہ ڪندا.


خوشامند ڪرڻ واري کان، سيکت لاءِ تنبيهہ ڪرڻ واري جي آخرڪار وڌيڪ تعريف ڪئي ويندي.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


پر ماڻهن ماٺ ڪيو پئي ٻڌو ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪڇيائون، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ حزقياہ کين اهو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ هن کي ڪوبہ جواب نہ ڏنو وڃي.


اوهين پنهنجي قوم واري جي لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بغض نہ رکجو، پر انهيءَ کي ڇينڀيندا ضرور رهجو، انهيءَ لاءِ تہ سندس لحاظ ڪرڻ سان متان اوهين پنهنجي سر تي گناهہ کڻو.


سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ