Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 9:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جيڪڏهن اوهين زندگي چاهيو ٿا تہ پنهنجي اڻ‌ڄاڻائي ڇڏي ڏيو ۽ دانائيءَ واري رستي تي هلو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 بي عقلي ڇڏي ڏيو ۽ جيئندا رهو؛ ۽ سمجهہ جي رستي تي هلو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 9:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهين، اي بدڪار ماڻهو! مون کان ڀڄي پري ٿيو، آءٌ پنهنجي خدا جي احڪامن تي عمل ڪندو رهندس.


اي بادشاهہ جي ڪنوار! اي منهنجي ڌيءَ! ڪن ڏيئي ٻڌ، هائو، تون غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌ. تون پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جي گھر کي وساري ڇڏ.


جيڪو سيکت تي عمل ٿو ڪري، سو بهتر زندگي ٿو گذاري. مگر جيڪو سيکت کي رد ٿو ڪري، سو گمراهہ ٿي وڃي ٿو.


ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بي‌وقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.


اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اوهين ڏاها ٿيو ۽ سوچي سمجھي سڌي راهہ اختيار ڪريو.


مون اوهان کي ڏاهپ واري راهہ ڏيکاري آهي ۽ سڌي رستي تي هلڻ ۾ اوهان جي رهنمائي ڪئي اٿم.


انهيءَ سبب جو جيڪو مون کي ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجي حياتي ٿو حاصل ڪري. بيشڪ اهو ئي خداوند جو فضل حاصل ڪندو.


آءٌ ڏاهپ آهيان، جيڪڏهن اوهين منهنجي پيروي ڪندا تہ وڏي حياتي ماڻيندا.


پوءِ اوهين منهنجي قاعدن تي هلندا ۽ دل وَ جان سان منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا. تڏهن اوهين حقيقت ۾ منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا هوندس.


منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان ڪو هڪڙو سندن بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سڀني تي چڱي ڌنار وانگر حڪمراني ڪندو. اهي منهنجي حڪمن تي هلندا ۽ منهنجي قاعدن قانونن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


”سوڙهي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل وَ جان سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.


پطرس انهن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي هن بڇڙي زماني کان بچايو.“


تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انهيءَ جي گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي نہ پوي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ