17 ”لڪ ڇپ ۾ پيتو ويندڙ پاڻي وڌيڪ مٺو لڳي ٿو، ۽ جيڪو کاڌو لڪ چوريءَ ۾ کائجي ٿو، سو وڌيڪ لذيذ ٿئي ٿو.“
17 چورايل پاڻي مٺو ٿو ٿئي، ۽ جيڪا ماني لڪي ٿي کائجي سا چڱي ٿي لڳي.
عورت ڏٺو تہ وڻ ڏسڻ ۾ ڪهڙو نہ سهڻو آهي ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ڪيڏو نہ سٺو هوندو، سو سندس دل چاهڻ لڳي تہ ”آءٌ اهو کائي سمجھہ حاصل ڪريان.“ تڏهن ان ميوي مان ٿورو کڻي کاڌائين. پوءِ ان منجھان ٿورو پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين ۽ ان بہ کاڌو.
ٺڳيءَ سان حاصل ڪيل کاڌو انسان کي مزيدار تہ لڳي ٿو، مگر بعد ۾ انهيءَ جو وات ڄڻ تہ واريءَ سان ڀريل آهي.
زناڪار عورت جو طريقو ڪهڙو نہ عجيب آهي. هوءَ زناڪاري تہ ڪري ٿي، پر پوءِ وهنجي سهنجي چوي ٿي تہ ”مون تہ ڪا بڇڙائي ڪئي ئي ڪونهي.“
اوهين ڇو ٻين چشمن مان پاڻي پيئو جن جو پاڻي رستي جي ناليءَ ۾ وهي ٿو؟
سو پنهنجي ئي چشمي مان پاڻي پي سرها ٿيو، يعني انهيءَ زال سان خوشيون ماڻيو جنهن سان اوهان پنهنجي جوانيءَ ۾ شادي رچائي هئي.
پر شريعت جي انهيءَ حڪم جي ڪري گناهہ کي ڄڻ وجھہ ملي ويو جو هن مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ شريعت کان سواءِ گناهہ مئل آهي.
ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم نافرمان ڳُجھہڳوهہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.