8 منهنجي هر ڳالهہ سچائيءَ واري هوندي آهي، جنهن ۾ ڪوبہ ڏنگ ڏانءُ نہ هوندو آهي.
8 منهنجي وات جون سڀ ڳالهيون سچائيءَ واريون آهن؛ ۽ انهن ۾ ڪوبہ ڏنگ يا ڏانوَ ڪونهي.
خداوند جا جيڪي بہ قول آهن سي سڀ خالص آهن. اهي باهہ ۾ تپايل انهيءَ چانديءَ جيان آهن، جيڪا ست ڀيرا صاف ڪيل هجي.
ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو، ڪڏهن بہ ڏاهپ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي. مگر جنهن ماڻهوءَ کي سمجھہ آهي، سو آسانيءَ سان ڏاهپ حاصل ڪري سگھي ٿو.
هائو، اهي بلڪل ٺڳ آهن، جن تي ڪوبہ ڀروسو ڪري نہ ٿو سگھجي.
آءٌ اوهان کي سٺيون صلاحون ٿو ڏيان. سو اوهين منهنجي نصيحتن کان منهن نہ موڙيو.
خدا جو خوف رکڻ وارو بدڪاريءَ کان نفرت ڪري ٿو. مغروريءَ، هٺ، بڇڙائيءَ واري رستي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان مون کي نفرت آهي.
مون پنهنجي ذات جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي، جيڪو بلڪل سچو ۽ ڪڏهن بہ تبديل نہ ٿيندڙ آهي تہ هر ڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ قسم کڻي اقرار ڪندو تہ هو منهنجو ئي آهي.
اهو ڪير آهي جيڪو ڳاڙهو لباس پهريو ادوم جي شهر بُصراہ کان پيو اچي؟ هائو، اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جيڪو پنهنجي قدرت ۽ طاقت سان هلندو پيو اچي؟ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهو آءٌ خداوند آهيان، جيڪو بچائڻ جي قدرت رکان ٿو ۽ پنهنجي فتح جو بيان ٿو ڪريان.“
پهريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو آهي، جهڙيءَ طرح هي شخص ٿو ڳالهائي.“
پر اوهان سدائين ساڻس بڇڙي هلت ڪئي آهي، سو انهيءَ بيوفائيءَ جي ڪري اوهين سندس قوم هئڻ لائق ناهيو، هائو، اوهين پورو نسل گمراهہ ۽ ڏنگا آهيو.
تہ جيئن اوهين بيڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ گمراهہ ماڻهن جي هن دنيا ۾ خدا جا بيعيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آسمان ۾ ستارا