Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 8:7 - Muslim Sindhi Bible

7 بيشڪ آءٌ هميشہ سچ ئي ڳالهائيندي آهيان، ۽ ڪوڙ کان مون کي سخت نفرت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو منهنجو وات سچ ڳالهائيندو، ۽ شرارت منهنجي چپن جي لاءِ نفرت جهڙي شيءِ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 8:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها حقيقت آهي تہ منهنجي ڳالهين ۾ ڪوڙ بلڪل نہ آهي، آءٌ، جيڪو تو سان ويٺو ڳالهايان ٿو سو ڪامل علم رکان ٿو.


سچار ماڻهن جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. هائو، سندن زبان مان انصاف جي ڳالهہ ٿي نڪري.


ڪوڙ ڳالهائيندڙن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر جنهن جي قول وَ فعل ۾ ڪو فرق ناهي، تنهن کان هو خوش ٿو ٿئي.


بڇڙائي ڪرڻ بادشاهن جي نظر ۾ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي، ڇاڪاڻ تہ سندن تخت سچائيءَ سان ئي قائم رهي ٿو.


سچار کي بدڪار کان ۽ بدڪار کي سچار کان نفرت آهي.


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


بيشڪ تنهنجيون ڳالهيون سچيون آهن. سو سچ جي وسيلي انهن کي مخصوص ڪر.


تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن دنيا ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي شاهدي پاڻ ٿو ڏيان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪٿان آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن وڃان ٿو. پر اوهين اها ڳالهہ نہ ٿا ڄاڻو.


چوڻ جو مطلب هي آهي تہ مسيح يهودين جو خدمتگار انهيءَ لاءِ بڻيو، تہ جيئن جيڪي واعدا خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا هئا سي پورا ڪري خدا کي سچو ثابت ڪري


هن مون کي لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو آمين، يعني وفادار ۽ سچو شاهد آهي ۽ جنهن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ