اي سموريون قومون! ٻڌو، هائو، اي ڌرتيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀ ٻڌو. خداوند خدا اوهان جا گناهہ ظاهر ڪندي اوهان جي خلاف فيصلو ڏيڻ وارو آهي. ٻڌو، هو پنهنجي عرش عظيم مان ڳالهائي رهيو آهي.
پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو ايمان انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ٿيو آهيان.
اسين انهيءَ مسيح بابت ئي پيغام ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ تعليم ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي خدا جي حضور ۾ پيش ڪريون.