Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 8:34 - Muslim Sindhi Bible

34 سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو منهنجي ڳالهہ ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجي دروازن تي بيهي انتظار ٿو ڪري. هائو، اهو جيڪو منهنجي دروازن جي چانئٺن تي بيٺو ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو منهنجي ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجن دروازن تي خبردار ٿي بيهي ٿو، ۽ منهنجن درن جي چانئٺ تي منتظر ٿي بيهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 8:34
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجيون زالون ڪيڏيون نہ خوش‌نصيب آهن! تنهنجا عملدار ڪيڏا نہ خوش‌نصيب آهن، جيڪي هر وقت تو وٽ حاضر رهن ٿا ۽ تنهنجيون ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌن ٿا!


آءٌ خداوند کي رڳو هڪڙو عرض ٿو ڪريان، جيڪو آءٌ چاهيندو ٿو رهان. منهنجو عرض اهو آهي تہ سڄي ڄمار آءٌ سندس گھر ۾ رهان، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خداوند جو جمال پسان، ۽ سندس هيڪل ۾ سندس ئي طلب ۾ رهان.


يقيناً تنهنجي بارگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن ٻئي هنڌ جي هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بدڪارن جي شاندار خيمن ۾ رهڻ کان، تو خدا جي گھر جو دربان ٿيڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي.


اهي خداوند جي گھر ۾ لڳل وڻن جيان آهن، جيڪي اسان جي خدا جي حضور ۾ سدائين ساوا رهندا.


هو انهيءَ جو ٿورو رت کڻي جن گھرن ۾ اهو کاڌو وڃي تن جي درن جي پاسن وارين ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائين.


اها ماڻهن جي هشامن ۾ ۽ شهر جي دروازن جي ويجھو پڪاريندي ٿي وتي. هائو، جتي بہ ميڙ گڏ ٿيل آهن، تتي اها ماڻهن کي مخاطب ٿي چوي ٿي تہ


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو جن کي ڏاهپ حاصل آهي ۽ جيڪي سمجھہ رکن ٿا.


جيڪي ڏاهپ حاصل ڪن ٿا، تن لاءِ اها زندگي بخشيندڙ وڻ مثل آهي. هائو، ڏاهپ رکندڙ ماڻهو سڀاڳا آهن.


”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي.


هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


ان عورت جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون.


تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي خدا جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“


اهي پنهنجو وقت رسولن کان سکڻ، هڪٻئي جي صحبت ۾ رهڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذارڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ