28 جڏهن خدا بلنديءَ تي آسمانن کي ٿي قائم ڪيو، ۽ سمنڊ کي ڀرڻ لاءِ چشما ٿي جاري ڪيا،
28 جڏهن مٿي هن آسمانن کي مضبوط ڪيو: جڏهن اونهائيءَ جا چشما مضبوط ٿيا:
اهڙيءَ طرح خدا هڪ حد بڻائي، جنهن جي وسيلي هيٺ واري پاڻيءَ کي مٿي واري پاڻيءَ کان ڌار ڪيائين.
پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي هيٺان جيڪو پاڻي آهي سو سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿئي تہ جيئن خشڪي ظاهر ٿئي.“ سو ائين ئي ٿيو.
جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ تي ڌرتيءَ جي هيٺان چشما ڦٽي نڪتا ۽ آسمان جون دريون کُلي پيون.
ڌرتيءَ جي هيٺان ڦٽي نڪتل چشما ۽ آسمان جون دريون بند ٿي ويون ۽ مينهن بند ٿي ويو.
اهو خدا ئي آهي جيڪو ڪڪرن کي پاڻيءَ سان ڀري ٿو ڇڏي، ۽ اهي پاڻيءَ جي وزن کان ڦاٽي نہ ٿا پون.
اي ايوب! ڇا تون سمنڊ جي اونهائيءَ وارن چشمن ۾ ڪڏهن داخل ٿيو آهين؟ ڇا تون گَهري سمنڊ جي تري تي ڪڏهن گھميو آهين؟
پر پوءِ جڏهن تو ان کي ڇينڀيو تہ اهو ڀڄي ويو. هائو، تنهنجي گجگوڙ ٻڌڻ سان پاڻي جلدي لهي ويو.
انهيءَ ئي خداوند زمين، آسمان ۽ سمنڊ کي ۽ جيڪي ڪجھہ انهن ۾ آهي تنهن کي پيدا ڪيو آهي. هو پنهنجي واعدن کي هميشہ قائم رکي ٿو.
بيشڪ خداوند ڏاهپ سان ڌرتيءَ جي جوڙجڪ ڪئي، ۽ نهايت سمجھہ سان آسمان کي قائم ڪيائين.
جڏهن هن آسمان ٿي بڻايا تڏهن آءٌ اتي هئس، هائو، جڏهن هن آسمان ۽ سمنڊ جي سطح واري گھيري جو نشان ٿي لڳايو.
جڏهن هن سمنڊ جون حدون ٿي مقرر ڪيون، تانتہ پاڻي ڪنارن کان ٻاهر نہ وڃي، تڏهن آءٌ اتي ئي هئس. هائو، جڏهن هن ڌرتيءَ جي بنياد رکڻ لاءِ نشان ٿي ڪڍيو،
تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين ايترا ڊنل ڇو آهيو؟ ڇا اوهان جو ايمان ايترو ئي آهي؟“ پوءِ هو اٿيو ۽ هوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.