Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 8:24 - Muslim Sindhi Bible

24 آءٌ ان وقت پيدا ڪئي ويئي هئس، جڏهن اڃا وڏا سمنڊ بہ ڪين هئا، نڪي پاڻيءَ سان وهندڙ چشما ئي هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جڏهن اڃا وڏا سمنڊ ڪين هئا تڏهن آءٌ پيدا ڪئي ويئي هيس؛ جڏهن اڃا چشما پاڻيءَ سان ڀريل نہ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 8:24
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان وقت زمين بي‌ترتيب ۽ ويران هئي. اونهي سمنڊ جو مٿاڇرو اوندهہ سان ڍڪيل هو ۽ پاڻيءَ جي مٿان خدا جي روح ڦيرا پئي ڪيا.


اي ايوب! ڇا تون سمنڊ جي اونهائيءَ وارن چشمن ۾ ڪڏهن داخل ٿيو آهين؟ ڇا تون گَهري سمنڊ جي تري تي ڪڏهن گھميو آهين؟


تڏهن بادشاهہ چيو تہ ”خداوند جيڪو واعدو مون سان ڪيو آهي، سو آءٌ پڌرو ٿو ڪريان تہ ’اي بادشاهہ! تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ کان آءٌ تو کي پنهنجو پٽ ٿو بڻايان.


سمنڊ جي اونهاين انهن کي ڍڪي ڇڏيو، اهي پٿر وانگر هيٺ سمنڊ جي تري ۾ وڃي پيا.


هن جي ڏاهپ جي وسيلي زمين جي اونهاين وارو پاڻي نڪري نهرن جي صورت ۾ وهي ٿو، ۽ ڪڪر آسمان مان برسات ٿا وسائين.


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


ڏسو، خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پيءُ فرزند سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اهي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي هو پاڻ ڪري ٿو. هو انهن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو جو اوهين سڀيئي حيران ٿي ويندا.


ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي هيئن فرمايو جيئن عيسيٰ کي فرمايائين تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان“؟ يا ڪنهن ملائڪ بابت هي فرمايو اٿائين تہ ”آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو“؟


خدا پنهنجو پيار اسان سان هن طرح ظاهر ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ جيئن انهيءَ جي وسيلي اسين نئين زندگي حاصل ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ