Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 8:23 - Muslim Sindhi Bible

23 آءٌ ازل کان ئي وجود ۾ آندي ويئي هئس، هائو، ڌرتيءَ جي پيدا ٿيڻ کان بہ اڳ ۾.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 آءٌ ازل کان، شروعات کان وٺي، ۽ زمين جي پيدا ٿيڻ کان اڳي، مقرر ڪئي ويئي هيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 8:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خدا چيو تہ ”هاڻي اسين انسان کي ٺاهيون جيڪو اسان جي صورت تي اسان وانگر هجي. اُهي مڇين تي، پکين تي، گھريلو ۽ جھنگلي جانورن تي ۽ ننڍن وڏن ساهوارن تي حڪمراني ڪن.“


هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


ڏاهپ سڀني کان افضل شيءِ آهي، تنهنڪري اها حاصل ڪر. ڀلي کڻي تو وٽ ٻيو گھڻو ڪجھہ ڇو نہ هجي، پر ڏاهپ انهن سڀني کان وڌيڪ بهتر آهي.


اي يروشلم جا رهاڪؤ! پنهنجا لشڪر آڻي گڏ ڪري تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي دشمن لشڪرن اچي اوهان جو گھيرو ڪيو آهي. اهي بني اسرائيل جي حڪمران جي بي‌عزتي ڪري سندس ڳلن تي لڪڻ هڻندا.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


دنيا جي شروعات کان اڳي ئي ڪلام موجود هو، ڪلام خدا سان هو ۽ ڪلام خدا هو.


اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


هاڻي اي بابا! تون پنهنجي حضور ۾ مون کي انهيءَ جلوي ۾ شريڪ ڪر، جيڪو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ