چوڻيون 8:15 - Muslim Sindhi Bible15 منهنجي ئي وسيلي بادشاهہ حڪومت ٿا ڪن، ۽ حاڪم انصاف سان عدالت ٿا ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible15 منهنجي وسيلي بادشاهہ راڄ ٿا ڪن، ۽ حاڪم انصاف جو فيصلو ٿا ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن خدا سليمان کي چيو تہ ”جيئن تہ اها ئي تنهنجي دلي خواهش هئي ۽ تو نہ مال، نہ دولت ۽ نہ عزت گھري آهي ۽ نہ ئي وري پنهنجي دشمنن جي لاءِ موت گھريو اٿيئي، نڪي وڏي حياتي گھري اٿيئي، بلڪ ڏاهپ ۽ علم گھريو اٿيئي، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي جنهن قوم تي مون تو کي بادشاهہ بڻايو آهي تنهن تي انصاف سان حڪمراني ڪري سگھين.
ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.
خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيتلحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“