Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 8:12 - Muslim Sindhi Bible

12 آءٌ ڏاهپ آهيان، ۽ سمجھہ منهنجي تمام گھاٽي سهيلي آهي. ڄاڻ ۽ دانائي منهنجي هٿ ۾ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 مون ڏاهپ، هوشياريءَ کي پنهنجو گهر ڪيو آهي، ۽ آءٌ علم ۽ سياڻپ کي ڳولي لهان ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 8:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو نفتالي قبيلي جي هڪ رن‌زال جو پٽ هو ۽ هن جو پيءُ صور شهر جو رهاڪو هو ۽ اهو بہ پتل جي ڪم جو ڪاريگر هو. حورام پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ تمام ماهر ۽ تجربيڪار هو. هو سليمان وٽ آيو ۽ جيڪو بہ ڪم کيس ڏنو ٿي ويو سو پورو ٿي ڪيائين.


دائود کيس انهن سڀني جاين جو نقشو پڻ ڏنو جيڪو پاڪ روح هن جي دل ۾ وڌو هو، يعني خداوند جي هيڪل جي اڱڻ، آس‌پاس جي حجرن، هيڪل جي خزانن ۽ وقف ڪيل شين جي گودامن جو نقشو.


دائود چيو تہ ”اهي سڀيئي ڳالهيون يعني انهيءَ نموني جا ڪم خداوند جي طرفان جيئن مون کي سمجھايا ويا آهن تن جي لکت آءٌ تو کي ڏيان ٿو.“


يهوداہ جي لشڪر پٺ تي نهاريو تہ ڇا ڏسن تہ پٺيان ۽ اڳيان ٻنهي طرفن کان مٿن حملو ٿيڻ وارو آهي، تڏهن هنن خداوند کي پڪاريو. پوءِ جيئن ئي ڪاهنن پنهنجا توتارا وڄايا


اي خداوند! تو پنهنجي ڏاهپ سان جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن، سي ايتريون تہ گھڻيون آهن، جو سڄي ڌرتي تنهنجي مخلوق سان ڀرجي ويئي آهي.


موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”ياد رکو، خداوند يهوداہ قبيلي مان اوريءَ جي پٽ ۽ حور جي پوٽي بصل‌ايل کي چونڊيو آهي.


انهن مان اٻوجھہ ماڻهو هوشياري، ۽ نوجوان ڄاڻ ۽ دانائي حاصل ڪري سگھن ٿا.


اي نادانؤ! اوهين دانائي سکو. اي بي‌وقوفؤ! اوهين عقلمند ٿيو.


هو ڄاڻين ٿا تہ کين پنهنجو ڪم ڪيئن ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا کين اها سمجھہ عطا ڪئي آهي.


واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!


خدا اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو خدا جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.


جيڪو هن تمام گھڻي انداز ۾ اسان تي نازل ڪيو آهي. خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان


خدا چاهيو ٿي تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آهن.


جنهن ۾ ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا سڀ خزانا لڪل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ