10 مون کان نصيحت حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون ڳالهيون چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهن، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ.
10 منهنجي تعليم وٺو ۽ نہ چاندي؛ ۽ خالص سون کي ڇڏي بہ علم وٺو.
اها چاندي ڏيئي بہ خريد نہ ٿي ڪري سگھجي، نڪي سون ئي ان جي قيمت بڻجي سگھي ٿو.
بيشڪ نہ سون ۽ نہ خاص شيشو ئي ان جي برابري ڪري سگھن ٿا، نڪي عمدي سون جا زيور ئي انهيءَ جو عيوض ٿي سگھن ٿا.
جڏهن تہ آءٌ تنهنجي حڪمن کي سون، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ عزيز رکان ٿو.
مون کي تنهنجي واعدن جي ڪري اهڙي خوشي ملي ٿي، جهڙي ڪنهن کي جھجھو غنيمت وارو مال ملڻ سان.
تنهنجي زبان جا اهي حڪم مون لاءِ سون چانديءَ جي هزارين سڪن کان بہ وڌيڪ افضل آهن.
سچار ماڻهوءَ جون ڳالهيون خالص چانديءَ مثل آهن، مگر بدڪار ماڻهوءَ جي سوچ ڪين جهڙي آهي.
ڏاهپ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي، بلڪ سون کان بہ وڌيڪ افضل آهي.
بيشڪ سون ۽ هيرا جواهر قيمتي آهن، مگر ڏاهپ واريون ڳالهيون انهن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهن.
سچائي، ڏاهپ، سکيا ۽ سمجھہ ملهہ ڏيئي بہ خريد ڪرڻ گھرجي، انهن کي اوهين پاڻ کان هرگز جدا نہ ڪريو.
مون کان جيڪي حاصل ڪيو وڃي ٿو، سو خالص چانديءَ بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي.
ڏاهپ ايڏي تہ چڱي آهي، جيڏو اهو قيمتي خزانو، جيڪو ابا ڏاڏا ورثي ۾ ڇڏي ويا هجن. اها هن ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن کي هميشہ لاءِ فائدو رسائي ٿي.
تڏهن پطرس هن کي چيو تہ ”مون وٽ پئسا تہ ڪونہ آهن، پر آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آهي. عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي سان اُٿ ۽ گھم ڦر.“
اسين غم سهندي سهندي بہ هميشہ خوش ٿا رهون. غريب سمجھيا وڃون ٿا، تڏهن بہ گھڻن کي مالا مال ٿا ڪريون. سڃا سکڻا آهيون، تڏهن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آهي.