Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 7:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تہ مون ڪجھہ بي‌سمجھہ نوجوانن کي رستي سان ويندي ڏٺو. پر انهن ۾ هڪڙو جيڪو تمام بي‌وقوف ٿي لڳو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ مون ڀورڙن ماڻهن منجهہ ڏٺو ۽ جوانن منجهہ بہ ڏٺم، ۽ هڪڙو بي سمجهہ جوان سهي ڪيم،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 7:7
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

زناڪار جي اک نماشام جي لاءِ منتظر ٿي رهي، ۽ هو چوي ٿو تہ ’مون کي ڪوبہ نہ ڏسندو،‘ سو هو پنهنجي منهن کي ڍڪي نڪري ٿو.


تنهنجي ڳالهين جي تشريح روشني عطا ڪري ٿي، اها اٻوجھن کي بہ سمجھہ عطا ڪري ٿي.


خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جيڪا جان کي تازگي ڏئي ٿي. هن جا حڪم ڀروسي جهڙا آهن، جيڪي نادانن کي بہ دانائي ٿا بخشن.


”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟


بيشڪ جيڪي اٻوجھہ ۽ بي‌عقل نصيحت کان انڪار ڪن ٿا سي ماريا ويندا ۽ سندن لاپرواهي کين برباد ڪري ڇڏيندي.


انهن مان اٻوجھہ ماڻهو هوشياري، ۽ نوجوان ڄاڻ ۽ دانائي حاصل ڪري سگھن ٿا.


عقلمند جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن، مگر بي‌عقل جون ڳالهيون سندس پٺيءَ تي لڪڻ ٿيون وساين.


پنهنجي ٻنيءَ ۾ محنت ڪندڙ هاريءَ کي جھجھو رزق ملي ٿو، مگر بيڪار ڪمن پٺيان پنهنجو وقت وڃائڻ بي‌وقوفي آهي.


نادان ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساہ ٿو ڪري، مگر سياڻو ماڻهو سوچي سمجھي قدم ٿو کڻي.


نادانيءَ جو نتيجو بي‌عقلي آهي، مگر دانائي سمجھہ جو تاج ٿي پهرائي.


سوچ ويچار کان سواءِ جوش وَ جذبي جو ڪو فائدو ڪونهي، جيڪو هلڻ ۾ جلدبازي ٿو ڪري سو ٿاٻڙجي ڪري ٿو.


ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻڻ سان اٻوجھہ ماڻهو هوشيار ٿي وڃي ٿو، پر سمجھہ وارو تنبيهہ ڪرڻ سان ئي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو.


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌو اوڏانهن وڌيو وڃي، ۽ پوءِ مصيبت ۾ ڦاسيو پوي.


هڪ دفعي آءٌ ڪنهن سُست ۽ بي‌وقوف ماڻهوءَ جي ٻنيءَ وٽان لنگھيس جتي انگورن جو باغ پوکيل هو.


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌا اوڏانهن وڌيو وڃن، ۽ پوءِ مصيبت ۾ وڃيو ڦاسن.


اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڏاهپ وارين نصيحتن ڏانهن توجہ ڪريو ۽ ڌيان سان ٻڌو،


اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آڻيو ۽ پنهنجي ماءُ جي ڏنل تربيت کي ڪڏهن نہ وساريو.


پر جيڪو ڪنهن غير عورت سان زناڪاري ٿو ڪري، سو بنا ڪنهن سبب جي رڳو پنهنجي بي‌عقليءَ سان پنهنجو پاڻ کي تباهہ ٿو ڪري.


اي نادانؤ! اوهين دانائي سکو. اي بي‌وقوفؤ! اوهين عقلمند ٿيو.


”اچو، اي بي‌سمجھہ انسانؤ! مون ڏانهن اچو.“ هائو، جن کي سمجھہ ڪانهي تن کي هوءَ سڏي چوي ٿي تہ


”اچو، اي بي‌سمجھہ انسانؤ! اچو.“ هائو، جن کي ڄاڻ ڪانهي تن کي سڏائي چوي ٿي تہ


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بي‌عقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“


عيسيٰ چيو تہ ”اوهين بہ اڃا تائين بي‌سمجھہ آهيو ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ