اوهان سان منهنجو هي عهد آهي تہ منهنجو روح اوهان کان پري نہ ٿيندو ۽ منهنجيون ڳالهيون هميشہ هميشہ اوهان جي زبان تي هونديون. هائو، هاڻي کان وٺي اهي اوهان جي اولاد جي ۽ اولاد جي اولاد جي زبان تي ابد تائين هونديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهان جو گناهہ مِٽجي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي دلين تي ائين اُڪريو ويو آهي جيئن لوهہ جي قلم سان پٿر جي تختيءَ تي. هائو، اوهان جي قربانگاهن جي ڪُنڊن وارن سڱن تي اوهان جي ڪفاري بدران ڄڻ تہ اهو گناهہ هيري جي نوڪ سان اُڪريو ويو آهي.
اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.
اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.