Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 7:26 - Muslim Sindhi Bible

26 ڇاڪاڻ تہ اهڙين عورتن گھڻن ئي کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. هائو، اهي بي‌شمار ماڻهن جي قتل جو سبب بڻيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڦٽي اُڇلائي ڇڏيو آهي: هائو جن سڀني کي هن ڪهي ڇڏيو آهي سي هڪڙو وڏو لشڪر آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 7:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين.


جيئن تہ بني اسرائيل جو بادشاهہ سليمان، جنهن سان خدا جو تمام گھڻو پيار هو ۽ کيس سڄي اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ مقرر ڪيو هئائين ۽ جنهن جهڙو بادشاهہ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪونہ ٿيو هو، تنهن بہ اهڙو ئي گناهہ ڪري وڌو جو ڌارين عورتن سان شادي ڪيائين.


جيڪڏهن اوهين سندس گھر ڏانهن ويندا، تڏهن اوهين ڄڻ موت واري رستي تي سفر ٿا ڪريو. هائو، انهيءَ رستي سان هلڻ مئلن جي دنيا کي ويجھو وڃڻ برابر آهي.


اهڙيون عورتون ڦورن جي ٽولي وانگر حملي ڪرڻ لاءِ ڇپ ماري ٿيون ويهن، ۽ پرڻيل مردن ۾ بي‌وفائيءَ جو تعداد وڌائين ٿيون.


انهيءَ کي زخم رسندا ۽ ذلت جو منهن ڏسڻو پوندس. هائو، اهو هميشہ لاءِ خوار خراب ٿيندو.


بيشڪ اهڙيءَ عورت جو گھر سڌو قبر ۾ وڃڻ جو رستو آهي. هائو، اهڙو رستو جيڪو سنئون سڌو هيٺ مئلن جي دنيا ۾ وڃي ٿو پهچائي.


پر انهيءَ جا شڪار ٿيل نہ ٿا ڄاڻين تہ جيڪي هن جي گھر ۾ وڃن ٿا، سي مريو وڃن، ۽ جيڪي اڳ ۾ سندس مهمان ٿيا هئا، سي قبر جي تري ۾ وڃي ڪريا آهن.


نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن زناڪاري ڪئي ۽ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٽيويهہ هزار ماڻهو موت جي حوالي ڪيا ويا.


هائو، مون کي اهو بہ ڊپ آهي تہ جڏهن آءٌ وري اوهان وٽ اچان تہ منهنجو خدا متان مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري ۽ مون کي اهڙن گھڻن ماڻهن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن هيستائين حرامڪاريءَ، زناڪاريءَ ۽ فحاشيءَ وارا ڪم ڪري گناهہ پئي ڪيا آهن ۽ انهن کان توبهہ نہ ڪئي اٿن.


اي عزيزؤ! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هن دنيا ۾ پاڻ کي پرديسي ۽ مسافر سمجھي انهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جيڪي اوهان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين.


پوءِ فلستين اچي پڪڙيس ۽ سندس اکيون ڪڍي ورتائون. هو هن کي غزہ شهر ۾ وٺي آيا، کيس پتل جون ٻيڙيون هنيائون ۽ قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيائونس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ