12 اهي گھٽين، چوراهن ۽ بازارن ۾ رلنديون وتنديون آهن، تانتہ ڪنهن مرد کي ڦاسائين.
12 ڪڏهن هوءَ گهٽين ۾ آهي، ڪڏهن ڪشادن ميدانن ۾، ۽ سڀ ڪنهن ڪنڊ تي ڇپ هڻي ويهي ٿي.
اهڙيون عورتون ڦورن جي ٽولي وانگر حملي ڪرڻ لاءِ ڇپ ماري ٿيون ويهن، ۽ پرڻيل مردن ۾ بيوفائيءَ جو تعداد وڌائين ٿيون.
سو ڪنڊ جي ويجھو واري اها گھٽي وٺي هليو، جنهن ۾ هڪ عورت رهندي هئي. هو انهيءَ جي گھر جي ڀرسان وڃي لنگھيو.
هوءَ پنهنجي گھر جي ٻاهران ۽ شهر جي مٿاهين جاين تي ويهي ٿي رهي
خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! گھڻو اڳي مون تنهنجي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي هئي، ۽ تنهنجا قيد وارا رسا ٽوڙي ڇڏيا هئا. پر تو چيو تہ ’آءٌ خدا جي تابعداري نہ ڪنديس،‘ جڏهن تہ تون بتن جي پوڄا ۾ هر ڪنهن اوچي ٽڪريءَ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڪڃريءَ وانگر ٽنگون ٽيڙيو پيئي آهين.
اي منهنجي قوم! عاشقن کي ڳولي لهڻ ۾ تون ڪيڏي نہ ماهر آهين. بيشڪ بدڪار عورتون بہ تو کان ئي سکيون آهن.
تون پنهنجا رستا بدلائيندي بدلائيندي ڪيتري نہ گمراهہ ٿي ويئي آهين! جيئن اشور کان تو کي نااميدي ملي هئي تيئن مصر کان بہ نااميدي ئي ملندءِ.
ٽڪر تي ٺهيل جاين ڏانهن پنهنجيون اکيون کڻي نهاري ڏس تہ اتي ڪابہ اهڙي جاءِ آهي جتي تو سان ڪو ستو نہ هجي؟ تون بيابان جي رستن جي ڪناري پنهنجي يارن لاءِ ائين انتظار ۾ ويٺي آهين، جيئن بدوي رستن تي ويهي ايندڙ ويندڙ سان وهنوار ڪندا آهن. تو هن ملڪ کي پنهنجي اهڙي زناڪاري ۽ بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.
تو هر گھٽيءَ ۾ اهڙيون جايون جوڙيون آهن، جتي بتن جي پوڄا ۽ زناڪاري ڪئي اٿيئي. پر پوءِ بہ تون انهيءَ ڪڃريءَ جهڙي بہ ناهين جيڪا پنهنجي اجرت وٺي ٿي.
ڏيئي جو سوجھرو بہ وري تو ۾ ڪڏهن ڪونہ ٿيندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن شاديءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ ڪري جو تنهنجا سوداگر ڌرتيءَ جا مالڪ بڻجي ويٺا آهن ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ڀٽڪي ويون آهن.
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي بادشاهن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ دنيا جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“