6 اوهان مان جيڪي سُست ۽ ڪاهل آهن سي ڪِولين کي جاچي ڏسن ۽ انهن جي زندگي گھارڻ جي طريقن مان وڃي سبق سکن.
6 اي سست، تون ماڪوڙيءَ وٽ وڃ؛ هن جي رستن تي ويچار ڪر، ۽ ڏاهو ٿيءُ:
اوهين اهڙي پکيءَ وانگر ٿيو، جيڪو پنهنجي آڏو ڄار کي ڦهليل ڏسي اڇلايل داڻن کان پاڻ کي پري ٿو رکي.
جهڙيءَ طرح سرڪو ڏندن ۾ ۽ دونهون اکين ۾ سوزش پيدا ٿو ڪري، تهڙيءَ طرح سُست نوڪر مالڪ لاءِ تڪليف جو سبب ٿو بڻجي.
سُستي انسان کي غربت ڏانهن وٺيو وڃي، مگر محنت انسان کي دولتمند بڻايو ڇڏي.
سُست ماڻهو خواهش تہ ڪري ٿو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿو ٿئيس، جڏهن تہ محنت ماڻهوءَ کي خوشحال ڪريو ڇڏي.
سُست ماڻهوءَ جو رستو ائين آهي، جيئن ڪنڊن وارو پيچرو هجي، مگر سچائيءَ وارن جي واٽ ائين آهي، جيئن سنئين سڌي شاهي سڙڪ هجي.
جيڪي ڪم ۾ سُستي ٿا ڪن، سي بربادي ڪرڻ وارن جا ڀائر آهن.
سُست ماڻهو ڄڻ تہ ننڊ ۾ ٿو رهي، جنهن ڪري اهو بکون ٿو ڪاٽي.
ڪي ماڻهو ايترا تہ سُست ٿا ٿين جو پنهنجو کاڌو رڪابيءَ مان کڻي وات تائين آڻڻ کان بہ ڪيٻائين ٿا.
سُست هاري جيڪو مند تي ٻنيءَ ۾ هر نہ ٿو ڪاهي، سو فصل لهڻ وقت ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي.
سُست ماڻهوءَ جي خواهش هوندي آهي، تہ هو محنت نہ ڪري ۽ اهڙي خواهش کيس ماريو ڇڏي.
سُست ماڻهو ڪم کان نٽائيندي چون ٿا تہ ”ٻاهر گھٽين ۾ تہ شينهن ويٺو آهي، جيڪو مون کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندو.“
اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اوهين ڏاها ٿيو ۽ سوچي سمجھي سڌي راهہ اختيار ڪريو.
چار جاندار شيون اهڙيون آهن، جيڪي ڌرتيءَ تي آهن تہ ننڍڙي ۾ ننڍڙيون، مگر وڌ ۾ وڌ عقلمند آهن:
هڪ ڪِئليون، جيڪي بيطاقت مخلوق آهن، مگر گرميءَ جي موسم ۾ پنهنجي لاءِ کاڌو گڏ ڪري ٿيون رکن،
اڙي اي سُست وَ ڪاهلؤ! اوهين ڪيستائين ستا پيا هوندا؟ اوهين ڪڏهن پنهنجي ننڊ مان اٿندا؟
جڏهن تہ ڍڳو بہ پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ بہ پنهنجي آهر کي ڄاڻي ٿو، پر بني اسرائيل کي تہ اها بہ خبر ڪانهي، هائو، منهنجي قوم اهو سمجھي ئي نہ ٿي.“
لقلق پکي بہ پنهنجي لاءِ مقرر ڪيل موسم کان باخبر هوندو آهي. ڳيرا، ابابيل ۽ ڪنگ بہ پنهنجي لڏپلاڻ جي مند ڄاڻن ٿا. مگر اوهان منهنجي قوم کي اها خبر ئي ناهي تہ مون خداوند اوهان کي ڪهڙا قاعدا قانون ڏنا آهن.
تنهن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏهن تو کي اها بہ خبر هئي تہ آءٌ اهو لڻندو آهيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آهيان ۽ اهو گڏ ڪندو آهيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آهيان،
پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين، نہ لڻين ۽ نہ اناج ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ انهن کي کارائي ٿو. ڇا اوهين انهن کان وڌيڪ قدر نہ ٿا رکو؟
محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو.
سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي ايمان ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو واعدو خدا ڪيو آهي.