Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 6:33 - Muslim Sindhi Bible

33 انهيءَ کي زخم رسندا ۽ ذلت جو منهن ڏسڻو پوندس. هائو، اهو هميشہ لاءِ خوار خراب ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 هن کي زخم رسندا ۽ بي عزت ٿيندو؛ ۽ هن جي خواري گم ٿي نہ ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 6:33
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ تون ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر ڇڙواڳ آهين، سو تو کي وڏائي ڪڏهن بہ حاصل ڪين ٿيندي، ڇو تہ تو منهنجي هنڌ تي، هائو، پنهنجي پيءُ جي هنڌ تي چڙهي ان کي پليت ڪيو آهي.


ڇاڪاڻ تہ دائود اهي ڪم ڪيا هئا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. اورياہ حتيءَ جي ڳالهہ کان سواءِ هو پنهنجي سڄي عمر ۾ خداوند جي ڏنل ڪنهن بہ حڪم کان نہ ڦريو هو.


جيئن تہ بني اسرائيل جو بادشاهہ سليمان، جنهن سان خدا جو تمام گھڻو پيار هو ۽ کيس سڄي اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ مقرر ڪيو هئائين ۽ جنهن جهڙو بادشاهہ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪونہ ٿيو هو، تنهن بہ اهڙو ئي گناهہ ڪري وڌو جو ڌارين عورتن سان شادي ڪيائين.


اي خدا! پنهنجي دائمي شفقت سبب مون تي پنهنجو رحم ڪر. تون پنهنجي گھڻي رحم سبب منهنجو هر گناهہ مِٽائي ڇڏ.


مون سان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جون ڳالهيون ڪر، تان‌تہ آءٌ خوش ٿيان توڙي جو تو مون کي دٻائي پيڙيو آهي.


پر جيڪو ڪنهن غير عورت سان زناڪاري ٿو ڪري، سو بنا ڪنهن سبب جي رڳو پنهنجي بي‌عقليءَ سان پنهنجو پاڻ کي تباهہ ٿو ڪري.


انهيءَ سبب جو مڙس کي جڏهن غيرت ايندي آهي، تڏهن هو غضبناڪ ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ سندس انتقام جي ڪا حد نہ هوندي آهي.


يسيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو. دائود کي سليمان انهيءَ زال مان پيدا ٿيو جيڪا پهريائين اورياہ جي زال هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ