Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 6:32 - Muslim Sindhi Bible

32 پر جيڪو ڪنهن غير عورت سان زناڪاري ٿو ڪري، سو بنا ڪنهن سبب جي رڳو پنهنجي بي‌عقليءَ سان پنهنجو پاڻ کي تباهہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 جيڪو ڪنهن زال سان زنا ڪري ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي؛ جيڪو اهو ڪندو سو پنهنجي جان ناس ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 6:32
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ ”جڏهن تہ خدا تو کي اهو سڀ ڪجھہ سمجھايو آهي، تہ پوءِ تون ئي وڏو سمجھو ۽ سياڻو آهين.


عقلمند جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن، مگر بي‌عقل جون ڳالهيون سندس پٺيءَ تي لڪڻ ٿيون وساين.


سچار ماڻهوءَ جي ڳالهين مان گھڻا ئي فائدو حاصل ڪن ٿا، مگر بي‌وقوف ماڻهوءَ جون ڳالهيون ئي کيس وقت کان اڳي ماريو ڇڏين.


اهو ماڻهو بي‌عقل آهي، جيڪو ٻين بابت گھٽ وڌ ٿو ڳالهائي، مگر سمجھہ وارو ماڻهو ماٺ ۾ ٿو گذاري.


پنهنجي ٻنيءَ ۾ محنت ڪندڙ هاريءَ کي جھجھو رزق ملي ٿو، مگر بيڪار ڪمن پٺيان پنهنجو وقت وڃائڻ بي‌وقوفي آهي.


اوهين دانائيءَ واريون ڳالهيون ٻڌو ۽ انهن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو.


هڪ دفعي آءٌ ڪنهن سُست ۽ بي‌وقوف ماڻهوءَ جي ٻنيءَ وٽان لنگھيس جتي انگورن جو باغ پوکيل هو.


انهيءَ کي زخم رسندا ۽ ذلت جو منهن ڏسڻو پوندس. هائو، اهو هميشہ لاءِ خوار خراب ٿيندو.


تہ مون ڪجھہ بي‌سمجھہ نوجوانن کي رستي سان ويندي ڏٺو. پر انهن ۾ هڪڙو جيڪو تمام بي‌وقوف ٿي لڳو،


پر جيڪو مون کان محروم ٿو رهي، سو پنهنجو پاڻ تي ظلم ٿو ڪري. هائو، جيڪي مون کان نفرت ٿا ڪن، سي سڀ موت سان محبت ٿا رکن.“


”اچو، اي بي‌سمجھہ انسانؤ! اچو.“ هائو، جن کي ڄاڻ ڪانهي تن کي سڏائي چوي ٿي تہ


’اي بي‌عقل ۽ نادانؤ! اوهين جيڪي اکين جي هوندي بہ ڏسو نہ ٿا ۽ ڪنن جي هوندي بہ ٻڌو نہ ٿا، اوهين هيءَ ڳالهہ ڪن ڏيئي ٻڌو.


اوهين پيٽ ڀريل شهوتي گھوڙا ٿي پيا آهيو، هر ڪو ٻئي جي زال جي پٺيان هڻڪار ڪندو ٿو ڦري.


جن گناهن ڪرڻ ڪري اوهين گنهگار بڻيا آهيو، تن سڀني کان پاڻ کي پري رکو. اوهين پنهنجي سوچ بدلائي نئين دل ۽ نئون ذهن پيدا ڪريو. اي بني اسرائيل! ڇو اوهين مرڻ ٿا گھرو؟


ٻڌو اي اسرائيل وارؤ! اوهين ٻڌو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس. اهڙو ڪوبہ نہ هوندو جيڪو اچي اوهان جي مدد ڪري.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، خدا حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ