Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 6:26 - Muslim Sindhi Bible

26 ياد رکو، ڪسبياڻين جي چڪر ۾ اچي ماڻهو مانيءَ جي ٽڪر جو محتاج بڻجيو پوي، جڏهن تہ ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري قيمتي حياتيون ڳڙڪايو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ڇالاءِ جو هڪڙي ڪسبياڻيءَ زال جي ڪري ماڻهو لهي اچي مانيءَ جي ٽڪر تي ٿو بيهي: ۽ زناڪار زال قيمتي حياتيءَ جو شڪار ٿي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 6:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو پنهنجي گھر جي ماڻهن کي رڙيون ڪري سڏيائين ۽ کين چيائين تہ ”هي ڏسو، منهنجو مڙس ڪهڙي عبرانيءَ کي وٺي آيو آهي، جيڪو اسان جي عزت ٿو لاهي. هو مون سان زوري ڪرڻ جي لاءِ اندر گھڙي آيو هو پر مون وٺي رڙيون ڪيون.


ڪجھہ وقت کان پوءِ سندس مالڪ فوطيفار جي زال منجھس اکيون وڌيون ۽ چيائينس تہ ”مون سان اچي سمهہ.“


اهڙيون عورتون ڦورن جي ٽولي وانگر حملي ڪرڻ لاءِ ڇپ ماري ٿيون ويهن، ۽ پرڻيل مردن ۾ بي‌وفائيءَ جو تعداد وڌائين ٿيون.


جنهن کي ڏاهپ سان پيار آهي، تنهن جا والدين خوش ٿا ٿين، مگر جيڪو ڪسبياڻين سان صحبت ٿو رکي، سو پنهنجي والدين جو مال ملڪيت برباد ڪريو ڇڏي.


ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندڙ سڄي شهر ۾ فتنا فساد ڪرايو وجھن. مگر ڏاهپ سان فتنن فسادن تي ضابطو آڻي ٿو سگھجي.


متان ڌاريا ماڻهو اوهان جو مال ملڪيت ڦٻائي وڃن ۽ اوهان جي محنت وسيلي ڪيل ڪمائي ڪن ٻين ماڻهن جي هٿن ۾ هلي وڃي.


متان اوهين پنهنجي نيڪ نامي وڃائي ويهو ۽ انهيءَ عورت جي مڙس هٿان جوانيءَ ۾ ئي بي‌رحميءَ سان قتل ڪيا وڃو.


جيڪڏهن ڪو پنهنجيءَ جھول ۾ ٻرندڙ ٽانڊا کڻندو، تہ ڇا انهيءَ جا ڪپڙا نہ سڙندا؟


تان جو هڪڙو تير سندس جگر مان پار ٿي وڃي ٿو. هائو، اهو بي‌وقوف نوجوان بلڪل اهڙي پکيءَ وانگر آهي جيڪو اڏامندي سڌو وڃي دام ۾ ڦاسي ٿو، کيس ڪا خبر ئي نہ آهي تہ سندس جان کسجي ويندي.


مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ويل آهي اوهان عورتن لاءِ! جيڪي هر ڪنهن هٿ جي ويڻيءَ لاءِ جادوءَ وارو تعويذ ٿيون سبو ۽ هر ڪنهن مٿي لاءِ جادوءَ وارو رومال ٿيون ٺاهيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ماڻهو ٻين ماڻهن کي شڪار ڪن. اوهين منهنجي قوم جي ماڻهن جو شڪار ڪرائي پنهنجو مقصد حاصل ڪنديون رهنديون ڇا؟


آءٌ کين وڌيڪ چوان ٿو تہ ’اي نبي سڏائيندڙؤ! ياد رکو، جيئن تہ اوهان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙيون رويائون ٻڌايون اٿوَ، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان جي خلاف آهيان.


جڏهن تہ اوهان جو هي پٽ، جنهن ڪسبياڻين ۾ اوهان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو هاڻي آيو آهي تہ هن لاءِ ٿلهو متارو وهڙو ڪٺو اٿوَ.‘


تنهنجي اولاد مان باقي جيڪي بچيل هوندا سي چانديءَ جي هڪڙي سڪي يا مانيءَ جي هڪڙي ٽڪري لاءِ اچي انهيءَ جي اڳيان ڪنڌ جھڪائيندا ۽ کيس منٿ ڪري چوندا تہ ’اسان کي ڪهانت جي ڪنهن بہ خدمت لاءِ مقرر ڪر تہ اسين مانيءَ ٽڪر کائون.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ