Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 6:25 - Muslim Sindhi Bible

25 تہ جيئن اوهين اهڙين عورتن جي حسن تي موهت نہ ٿي پئو. هائو، اوهين انهن جي نيڻن جا اسير نہ بڻجي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 انهيءَ جي سونهن جي پٺيان پنهنجي دل ۾ خواهش نہ رک؛ ۽ نہ هن کي ڇڏ تہ توکي پنهنجين اکين جي ڇپرن سان گرفتار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 6:25
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ييهو جنگي گھوڙي گاڏيءَ تي يزرعيل شهر ۾ آيو. جڏهن ايزبل راڻيءَ کي اهي سڀيئي ڳالهيون ٻڌايون ويون تڏهن هوءَ پنهنجين اکين ۾ ڪجل پائي ۽ سينڌ ڪڍي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ لڳي.


”مون قسم کڻي ڇڏيو آهي تہ ڪنهن ڇوڪريءَ ڏانهن، بلڪ ڪنهن بہ عورت ڏانهن بريءَ نظر سان ڪڏهن نہ ڏسندس.


اي منهنجي مٺڙي! اي منهنجي ڪنوار! هاءِ هاءِ تنهنجي نيڻن جي نظاري ۽ تنهنجي هار جي تجلي، منهنجي دل کسي ورتي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، يروشلم جون عورتون ڪيڏيون نہ مغرور آهن! اهي ڪنڌ آڪڙائي شوخ نظرن سان اشارا ڪنديون ٿيون وتن. اهي ناز نخرا ڪندي، ۽ پيرن ۾ پازيب جي جھنڪار ڪندي ٿيون هلن.


اي يروشلم جي بستي! تنهنجي مقدر ۾ بربادي لکيل آهي، پوءِ تون هي ڇا ٿي ڪرين؟ تون ڇو ٿي کهنبا ڪپڙا ڍڪين ۽ ڇو ٿي سونا زيور پائين؟ ڇو ٿي ڪڃريءَ جيان ڪجل سان پنهنجيون اکيون سينگارين؟ تنهنجو سينگار اجايو آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا عاشق تو کان نفرت ڪن ٿا ۽ تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن.


تنهن کان سواءِ هنن قاصد موڪلي پري کان ماڻهن کي سڏايو تان‌تہ هو اچي ساڻن زناڪاري ڪن. هائو ڏس، اهي اچي پهتا. تڏهن انهن ٻنهي ڀينرن غسل ڪيو، اکين ۾ ڪجل وڌو ۽ پاڻ کي زيورن سان سينگاريائون.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن عورت ڏانهن بري نظر سان ٿو ڏسي، سو پنهنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي لالچ نہ ڪريو، نہ سندس گھر جي، نڪي سندس ٻنيءَ، سندس ٻانهي، سندس ٻانهيءَ، سندس ڍڳن، سندس گڏهہ ۽ نہ وري پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي لالچ ڪريو.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ