19 ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندڙ شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جھيڙو وجھندڙ ماڻهو.
19 ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪُساکي شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جهيڙو وجهندڙ ماڻهو.
تون مون کي دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪوڙا شاهد ۽ ظلم جا دڙڪا ڏيندڙ منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن.
منهنجي خلاف بدخواہ شاهد اُٿي کڙا ٿيا آهن. هو مون تي اهڙيون ڳالهيون ٿا مڙهين، جن بابت آءٌ ڄاڻان ئي نہ ٿو.
اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڏيو.
”اوهين ڪوڙي خبر نہ پکيڙيو، نڪي ڪوڙي شاهدي ڏيئي بڇڙي ماڻهوءَ جا ساٿي ٿيو.
سچ ڳالهائڻ سان عدالت ۾ انصاف ٿو ٿئي، مگر ڪوڙي شاهدي ناانصافيءَ ڏانهن وٺيو وڃي.
ايماندار شاهد سچ ٿو ڳالهائي، مگر بيايمان شاهد ڪوڙ ئي ڪوڙ ٿو ڳالهائي.
دوکيباز ماڻهو ٻين ۾ جھيڙا جھڳڙا ٿا پيدا ڪن، ۽ چغلخور ماڻهو دوستن ۾ دشمنيون وجھيو ڇڏين.
ڪوڙي شاهد کي ضرور سزا ملندي. هائو، اهو هرگز بچي نہ سگھندو.
ڪوڙو شاهد سزا کان بچي نہ سگھندو. هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويندو.
ڪوڙي شاهد کي جلدي ماٺ ڪرايو ويندو، مگر سچو شاهد جيڪو سوچ ويچار سان ڳالهائي ٿو، تنهن جو هر هڪ لفظ قبول ڪيو ويندو.
ٻين تي ٺٺولي ڪندڙ کي ڀڄائي ڪڍو تہ جھيڙو ٽري ويندو، هائو، جھيڙو، فساد ۽ بدنامي بند ٿي ويندي.
ڪوڙي شاهدي هٿوڙي، تلوار ۽ تکي تير برابر آهي.
ڪاٺي نہ وجھڻ سان باهہ اُجھاميو وڃي، ۽ جتي ڪو چغلخور ڪونهي اتي جھيڙو فساد بند ٿيو وڃي.
اهي سدائين ظلم ۽ بڇڙائيءَ جون ڳالهيون سوچيندا ٿا رهن ۽ هر هنڌ فتنو فساد برپا ٿا ڪن.
خدا جو خوف رکڻ وارو بدڪاريءَ کان نفرت ڪري ٿو. مغروريءَ، هٺ، بڇڙائيءَ واري رستي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان مون کي نفرت آهي.
هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري.
سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ جي خلاف ڪا ڪوڙي شاهدي هٿ ڪن، تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين.
پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي مقدس هيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالهائيندو آهي.
بيوقوفيءَ ۽ نادانيءَ وارن بحثن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهن سان جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿين ٿا.
جيڪي ماڻهن ۾ صلح ٿا ڪرائين، سي صلح سان گڏ اهڙو ٻج ٿا پوکين، جيڪو سچائيءَ جو ڦل پيدا ٿو ڪري.