18 بڇڙائيءَ واريون رٿون رٿيندڙ دل، بدڪاري ڪرڻ واسطي تکا ڊوڙندڙ پير،
18 خراب خيالي رٿون رٿيندڙ دل، خرابيءَ ڏانهن تکا ڊوڙندڙ پير؛
پوءِ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هر ماڻهو بڇڙائي ڪرڻ ۾ وڌي ويو آهي ۽ انهن جي دل جا خيال هر وقت بڇڙائيءَ جي ڳالهين سان ڀريل آهن،
اهي پنهنجي هنڌ تي ليٽي بہ بڇڙائيءَ جون ئي رٿون ٿا رٿين. اهي برائيءَ کان نفرت نہ ٿا ڪن بلڪ بريءَ راهہ تي هلندا ٿا رهن.
اهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن بہ پٺتي نہ ٿا رهن، بلڪ هو خونريزيءَ لاءِ هميشہ تيار ٿا رهن.
بدڪار ماڻهن جي خيالن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر نيڪ ماڻهن جي چڱين ڳالهين کي هو پسند ٿو ڪري.
انهيءَ سبب جو سندن دلين ۾ ظلم وَ زبردستي ڪرڻ جا خيال پيا ڦرن، ۽ سندن زبانن تي جھيڙي فساد ڦهلائڻ جون ڳالهيون ٿيون رهن.
جيڪو هميشہ بڇڙائيءَ واريون رٿون پيو رٿي، تنهن کي فسادي ماڻهو سڏيو ٿو وڃي.
اوهان جا قدم هميشہ برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا. اوهين بيگناهہ جو رت وهائڻ ۾ ڪا دير نہ ٿا ڪريو. اوهان جا خيال بدڪاريءَ وارا خيال آهن، ۽ اوهين تباهي ۽ بربادي ڦهلائيندا ٿا وتو.
اي يروشلم وارؤ! پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو، تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟
ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين. اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.
ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ هڪٻئي لاءِ برا منصوبا نہ جوڙي، نہ وري ڪو ڪوڙو قسم ئي کڻي، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کي انهن سڀني ڳالهين کان نفرت آهي.“
انهن جا قدم خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن.