رڳو ايتري پڪ ڄاڻجو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي ماري وجھندءُ تہ اوهين پنهنجي ۽ يروشلم شهر جي سڀني رهاڪن جي سر تي هڪڙي بيگناهہ جو خون آڻيندءُ، ڇاڪاڻ تہ سچ پچ خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي ٻڌايان.“
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا، ۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو. انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.
ارام وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”دمشق شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن جِلعاد شهر وارن کي ڳاهڻ وارن لوهي اوزارن سان ڳاهي ڇڏيو آهي.
فلستيءَ وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”غزہ شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو ڪن ڳوٺن جي سڀني ماڻهن کي قيد ڪري وٺي ويا، ۽ کين ادوم ملڪ ۾ وڪڻي ڇڏيائون.
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”موآب ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ادوم جي بادشاهہ جا بہ هڏا ساڙي چونو بڻائي ڇڏيا آهن.
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يهوداہ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪيو اٿائون. انهن ڪوڙن معبودن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جن جي سندن ابن ڏاڏن پوڄا ڪئي هئي.
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”اسرائيل ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ مسڪين قرضدار جنهن جو ٻيو ڪو ڏوهہ ڪونهي، تنهن کي هو چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض، بلڪ خسيس جتيءَ جي جوڙي جي عيوض وڪڻن ٿا.
انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.