9 متان اوهين پنهنجي نيڪ نامي وڃائي ويهو ۽ انهيءَ عورت جي مڙس هٿان جوانيءَ ۾ ئي بيرحميءَ سان قتل ڪيا وڃو.
9 تہ متان پنهنجي عزت ٻين کي ڏيئي ڇڏيو، ۽ پنهنجا ورهيہ ظالمن کي:
جيئن تہ بني اسرائيل جو بادشاهہ سليمان، جنهن سان خدا جو تمام گھڻو پيار هو ۽ کيس سڄي اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ مقرر ڪيو هئائين ۽ جنهن جهڙو بادشاهہ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪونہ ٿيو هو، تنهن بہ اهڙو ئي گناهہ ڪري وڌو جو ڌارين عورتن سان شادي ڪيائين.
تون عورتن جي پٺيان لڳي پنهنجي زندگي برباد نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ رستي تي هلي ڪيترائي بادشاهہ ناس ٿي ويا آهن.
متان ڌاريا ماڻهو اوهان جو مال ملڪيت ڦٻائي وڃن ۽ اوهان جي محنت وسيلي ڪيل ڪمائي ڪن ٻين ماڻهن جي هٿن ۾ هلي وڃي.
پرائي عورت کان پري رهو، انهيءَ جي گھر جي دروازي جي بہ ويجھو نہ وڃو.
ياد رکو، ڪسبياڻين جي چڪر ۾ اچي ماڻهو مانيءَ جي ٽڪر جو محتاج بڻجيو پوي، جڏهن تہ ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري قيمتي حياتيون ڳڙڪايو ڇڏي.