5 هن جا پير موت ڏانهن وٺيو وڃن. سو خبردار! سندس قدم اوهان کي بہ وڃي قبر تائين پهچائيندا.
5 ان جا پير موت ۾ لاهين ٿا؛ ۽ ان جا قدم قبر تي وڃيو ٿا کپن؛
اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آڻيو ۽ پنهنجي ماءُ جي ڏنل تربيت کي ڪڏهن نہ وساريو.
اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهين تي پوريءَ طرح توجہ ڏيو، ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوان سو نہ وسارجو.
بيشڪ اهڙيءَ عورت جو گھر سڌو قبر ۾ وڃڻ جو رستو آهي. هائو، اهڙو رستو جيڪو سنئون سڌو هيٺ مئلن جي دنيا ۾ وڃي ٿو پهچائي.
تڏهن مون معلوم ڪيو تہ موت کان بہ وڌيڪ هڪڙي ڪؤڙي شيءِ آهي، يعني اها عورت جنهن جو پيار ڦندي ۽ ڄار مثل آهي ۽ جنهن جي هٿن ۾ هٿڪڙيون آهن. جنهن ماڻهوءَ سان خدا راضي هوندو سو انهيءَ کان بچي نڪرندو، جڏهن تہ گنهگار انهيءَ جو شڪار ٿي ويندو.
تڏهن ڇا ڏسان تہ پيلي رنگ جو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ جي سوار جو نالو موت آهي ۽ پاتال سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ پاتال کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ اهي جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ وحشي جانورن جي وسيلي ڌرتيءَ جي چوٿين حصي جي ماڻهن کي ماري ڇڏين.