Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 5:22 - Muslim Sindhi Bible

22 بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 5:22
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

الياس ورندي ڏيئي کيس چيو تہ ”مون اسرائيل کي نہ آزاريو آهي. پر تو ۽ تنهنجي پيءُ عمريءَ جي گھراڻي اسرائيل کي آزاريو آهي. تو خداوند جي حڪمن کي مڃڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ بعل ديوتا جي پٺيان لڳو آهين.


پر جڏهن ان منصوبي جي خبر شهنشاهہ تائين پهتي تہ هن فرمان جاري ڪري يهودين خلاف اها سازش موٽائي هامان جي ڳچيءَ ۾ وڌي ۽ هامان ۽ سندس پٽن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو.


سندن پير پاڻ ئي وڃي ڄار ۾ ڦاسندا، هائو، هو ڄار منجھہ ئي ڦاٿل رهندا.


آہ! مون کي لاتعداد تڪليفون چوڌاري وڪوڙي ويون آهن! منهنجا گناهہ مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، جن مون کي چوڌاري اهڙو تہ وڪوڙي ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجو رستو لهي نہ ٿو سگھان. سو منهنجي دل ٽُٽي پيئي آهي.


اي خداوند! بيشڪ تو سچو انصاف ڪري پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪا کڏ غير قوم وارن ٻين لاءِ کوٽي هئي، تنهن ۾ اهي پاڻ ئي ڪري پيا آهن. هنن جيڪا ڪوڙڪي ٻين لاءِ اڏي هئي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن. هائو، جيڪي بہ بڇڙا ماڻهو آهن، سي پنهنجي ئي ڪمن ۾ ڦاٿل آهن.


بيشڪ جيڪي بہ بدڪار آهن، تن جي مقدر ۾ رڳو قبر جي اونداهي لکيل آهي، يعني اهي سڀ قومون جن خداوند کي وساريو آهي.


پر اهڙي قسم جا ماڻهو جيڪي ٻين جي خون ڪرڻ لاءِ لڪي ٿا ويهن، سي پاڻ ڪن ٻين جو شڪار ٿيو ٿا وڃن.


سچارن جي سچائي سندن رهنمائي ڪري ٿي، مگر دغابازن جي دغا ئي کين برباد ڪريو ڇڏي.


نيڪ ماڻهن جي ايمانداري سڌي راهہ ڏيکاري ٿي، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري برباديءَ جي کڏ ۾ وڃيو ڪرن.


ايماندار ماڻهن جي سچائي کين ڇڏايو وٺي، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي ئي بدنيتيءَ ۾ پاڻ ڦاسيو پون.


جنهن ماڻهوءَ جي ڳالهہ ٻولهہ چڱي آهي، تنهن کي نتيجو بہ چڱو ملندو. جنهن جو عمل چڱو آهي تنهن کي انهيءَ جو اجر ملندو.


بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.


بي‌وقوف جي زبان سندس ئي برباديءَ جو باعث ٿي بڻجي، هائو، سندس ڳالهائڻ ئي هن جي لاءِ ڦندو ثابت ٿو ٿئي.


ائين نہ چئو تہ ”منهنجو انهيءَ سان ڪو واسطو نہ آهي.“ انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي ذهن کي پرکي ٿو. هو اسان مان هر هڪ تي نظر رکي ٿو، ۽ اسان جي خيالن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. خدا هر ڪنهن کي سندس عملن مطابق ئي بدلو ڏيندو.


جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽي ٿو، سو پاڻ انهيءَ ۾ ڪرندو. جيڪو ٻين مٿان ڇپ اٽلائي ٿو، سا موٽي اچي انهيءَ مٿان ڪرندي.


تڏهن مون معلوم ڪيو تہ موت کان بہ وڌيڪ هڪڙي ڪؤڙي شيءِ آهي، يعني اها عورت جنهن جو پيار ڦندي ۽ ڄار مثل آهي ۽ جنهن جي هٿن ۾ هٿڪڙيون آهن. جنهن ماڻهوءَ سان خدا راضي هوندو سو انهيءَ کان بچي نڪرندو، جڏهن تہ گنهگار انهيءَ جو شڪار ٿي ويندو.


ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“


هن منهنجي گناهن کي پاڃاريءَ جيان، منهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. انهن گناهن جو وزن ايترو تہ ڳرو آهي، جو آءٌ بلڪل نستي ٿي پيئي آهيان. هائو، ڌڻيءَ مون کي زورآور دشمنن جي حوالي ڪيو آهي، جن جي مقابلي ڪرڻ جي مون ۾ سگھہ ئي ڪانهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن آءٌ خداوند سڀني قومن جي عدالت ڪندس. اي ادوم وارؤ! جيڪي ڪجھہ اوهان ٻين سان ڪيو آهي، سو ئي اوهان سان بہ ڪيو ويندو. هائو، اوهان جي انهيءَ عمل جو اوهان کان بدلو ورتو ويندو.


پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ ياد رکو تہ اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا ۽ يقين ڄاڻو تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي پڪڙائيندو.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، خدا حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪندو.


پوءِ بني اسرائيل جي ماڻهن بني بنيامين تي موٽ ڪئي ۽ بني بنيامين جون متيون ئي منجھي ويون، ڇاڪاڻ تہ ڏٺائون تہ مصيبت اچي مٿن ڪڙڪي آهي.


خدا سڪم جي ماڻهن کان پڻ سندن برائيءَ جو بدلو ورتو. يوتام ولد جِدعون جي لعنت انهن تي سچي ثابت ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ