Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 5:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اي منهنجا ٻارؤ! اوهين ڪنهن ٻئي جي زال تي مست نہ ٿيو. هائو، جيڪا پنهنجي مڙس سان ئي وفادار ناهي تنهن کي ڀاڪر نہ وجھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 اي منهنجا پٽ، ڇو تون پرائيءَ زال تي مست ٿو ٿين، ۽ ڌاريءَ زال جي سيني کي ڀاڪر ٿو وجهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 5:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ سليمان فرعون جي ڌيءَ کان سواءِ ٻين بہ گھڻين ڌارين عورتن سان پيار ڪندو هو جن ۾ موآبي، عموني، ادومي، صيداني ۽ حتي عورتون شامل هيون.


بدڪار عورت جون ڳالهيون اونهيءَ کڏ مثل آهن، جنهن تي خداوند جو ڏمر آهي سو ئي انهيءَ ۾ وڃي ڪري ٿو.


تڏهن ماڻهو عجيب وَ غريب شيون ڏسڻ لڳي ٿو، ۽ سندس وات مان ابتيون سبتيون ڳالهيون ٿيون نڪرن.


غير عورت جي چپن ۾ ماکيءَ جهڙو مٺاس هوندو آهي ۽ سندس منهن تيل کان بہ وڌيڪ سڻڀو لڳندو آهي. پر اوهين ٻئي ماڻهوءَ جي زال جي ورغلائڻ ۾ نہ اچجو،


سندن هدايتون اوهان کي بدڪار عورتن کان پري ٿيون رکن. هائو، غير عورتن جي هرکائيندڙ ڳالهين کان اهي اوهان کي محفوظ ٿيون رکن


تہ جيئن اهي اوهان کي انهن پراين زالن کان بچائين، جيڪي ڌتارڻ واريون ڳالهيون ڪنديون آهن.


اوهين پڇو ٿا تہ هو راضي ڇو نہ ٿو ٿئي؟ اهو انهيءَ ڪري جو خداوند ڏسي ٿو تہ اوهان پنهنجي زال سان بي‌وفائي ڪئي آهي، جنهن سان اوهان نوجوانيءَ ۾ شادي ڪئي هئي. هوءَ اوهان جي ساٿي آهي جنهن سان خدا آڏو ڪيل وفاداريءَ واري واعدي کي اوهان ٽوڙي ڇڏيو آهي.


خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”آءٌ طلاق کان نفرت ٿو ڪريان، جنهن جي ذريعي اوهين پنهنجي زال سان ظلم ٿا ڪريو. سو اوهان لاءِ اهو ضروري آهي تہ اوهين پنهنجي زال سان ڪيل وفاداريءَ واري واعدي تي قائم رهو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ