2 تہ جيئن مناسب هلت ڪرڻ بابت ڄاڻو ۽ اوهان جي ڳالهائڻ مان ظاهر ٿئي تہ اوهين ڄاڻ رکو ٿا.
2 تہ تون عقل قائم رکين، ۽ تنهنجا چپ علم جي سنڀال رکن.
تنهنجا ٻڌايل اهي قاعدا آءٌ پنهنجي زبان سان ٻين آڏو بيان ڪندس.
اي بادشاهہ! بني آدم ۾ تون سڀني کان سهڻو آهين. تنهنجي زبان لطافت سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري خدا هميشہ جي لاءِ تو کي برڪت وارو بڻايو آهي.
آءٌ سڄو ڏينهن ڇڏائڻ وارين تنهنجي ڀلائين جو بيان پيو ڪندس. هائو، انهن جي شمار جو ڪو ئي بہ اندازو ناهي.
سچار ماڻهوءَ جي ڳالهين مان گھڻا ئي فائدو حاصل ڪن ٿا، مگر بيوقوف ماڻهوءَ جون ڳالهيون ئي کيس وقت کان اڳي ماريو ڇڏين.
جيڪا نصيحت عقلمندن جي زبان مان ٿي نڪري، سا وڻندڙ آهي. مگر بيعقلن جي وات مان بيوقوفي وهيو نڪري.
عقلمند ماڻهو ڄاڻ ٿا ورهائين، مگر بيوقوفن جا خيال ڪنهن ڪم جا ناهن.
عقلمند انسان ڳالهائڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪري ٿو، تڏهن ئي تہ سندس ڳالهيون ٻين تي اثر ڪن ٿيون.
بيشڪ سون ۽ هيرا جواهر قيمتي آهن، مگر ڏاهپ واريون ڳالهيون انهن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهن.
اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ ۽ سمجھہ تي پوريءَ طرح قائم رهو ۽ انهن کان پاڻ کي پري نہ ڪريو.
اي منهنجي محبوبہ! تنهنجا چپ ماکيءَ جهڙا مٺا آهن، تنهنجي چمين سان مون کي ماکيءَ ۽ کير جهڙي لذت ٿي ملي. تنهنجي ڪپڙن جي خوشبوءِ، لبنان جي عطر جهڙي آهي.