Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 5:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اها اوهان لاءِ بلڪل هرڻيءَ وانگر خوبصورت ۽ دلپسند آهي ۽ سندس بدن اوهان جي من کي موهيندڙ آهي. اوهين هميشہ انهيءَ جي ئي محبت ۾ مست رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 پيار ڪندڙ هرڻي ۽ وڻندڙ ڦاڙهيءَ وانگر ڀلي تہ انهيءَ جا ٿڻ هر وقت توکي خوش رکن؛ تون هميشہ انهيءَ جي محبت ۾ مست رهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 5:19
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي ڏينهن انهيءَ شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ هڪڙو مسافر آيو. سو هن پاڻ وٽ آيل انهيءَ مسافر جي ماني تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن مان ڪنهن کي بہ هٿ نہ لاتو، بلڪ انهيءَ غريب ماڻهوءَ جي رڍ کڻي وڃي انهيءَ مسافر لاءِ ڪهي تيار ڪيائين.“


اوهان جي زال اوهان جي پنهنجي کوهہ مثل آهي. سو اوهين ساڻس وفادار ٿي رڳو انهيءَ کوهہ مان ئي پاڻي پيئو.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين ڪنهن ٻئي جي زال تي مست نہ ٿيو. هائو، جيڪا پنهنجي مڙس سان ئي وفادار ناهي تنهن کي ڀاڪر نہ وجھو.


جيستائين صبح جي ٿڌڙي هير گھلي، ۽ رات جي اونداهي گم ٿي وڃي. پوءِ ڀلي موٽي وڃ. تون انهيءَ هرڻ يا جوان ڄانگھي جيان ڇال ڏيندو وڃ، جيڪو باتر جي جبلن ۾ رهي ٿو.


منهنجو محبوب هرڻ جهڙو آهي، هائو، هو جوان ڄانگھي جهڙو آهي. ڏسو، هو اسان جي ڀت پٺيان بيٺو آهي. هو درين مان جھاتيون ٿو پائي، ۽ ڳڙکين مان پاڻ ٿو ڏيکاري.


تنهنجيون ٻئي ڇاتيون هرڻيءَ جي انهن ٻن جاڙن ٻچن جهڙيون آهن، جيڪي سوسن جي گلن ۾ چرندا هجن.


تنهنجيون ٻئي ڇاتيون هرڻيءَ جي ٻچن جهڙيون آهن، هائو، هرڻيءَ جي ٻن جاڙن ٻچن جهڙيون.


اي منهنجا محبوب! مون ڏانهن هرڻ وانگر جلدي ڊوڙي اچ، هائو، انهيءَ جوان هرڻ وانگر، جيڪو انهن جبلن تي گھمڻ پسند ٿو ڪري جتي خوشبودار مصالحا ٿا پوکجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ