16 اوهين ڇو ٻين چشمن مان پاڻي پيئو جن جو پاڻي رستي جي ناليءَ ۾ وهي ٿو؟
16 تنهنجا چشما پري پکڙي وڃن ڇا، ۽ پاڻيءَ جون نديون گهٽين ۾ وهي وڃن ڇا؟
انهن ربقہ کي دعا ڪندي چيو تہ ”اسان جي ڀيڻ! شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿئين. شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن جي شهرن تي حڪمراني ڪري.“
ٻار خداوند جو عطيو آهن، هائو، اهي والدين لاءِ خداوند جي طرفان هڪ نعمت آهن.
تنهنجي زال تنهنجي گھر اندر انگورن جي ڦلدار ول وانگر ٿيندي، هائو، تنهنجو اولاد تنهنجي دسترخوان جي چوگرد زيتون جي وڻ جي چوگرد ڦٽي نڪتل جھجھن سلن وانگر هوندو.
هو ڳائين ٿا تہ ”هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾ اوهين پنهنجي خدا کي سڳورو چئو. اوهين جيڪي يعقوب جو نسل آهيو، سي پنهنجي ڌڻيءَ کي سڳورو چئو.“
اوهان جي زال اوهان جي پنهنجي کوهہ مثل آهي. سو اوهين ساڻس وفادار ٿي رڳو انهيءَ کوهہ مان ئي پاڻي پيئو.
اوهين پنهنجو پاڻ کي رڳو پنهنجيءَ زال لاءِ ئي وقف ڪري ڇڏيو ۽ غير عورتن سان همبستري نہ ڪريو.
سو پنهنجي ئي چشمي مان پاڻي پي سرها ٿيو، يعني انهيءَ زال سان خوشيون ماڻيو جنهن سان اوهان پنهنجي جوانيءَ ۾ شادي رچائي هئي.
”لڪ ڇپ ۾ پيتو ويندڙ پاڻي وڌيڪ مٺو لڳي ٿو، ۽ جيڪو کاڌو لڪ چوريءَ ۾ کائجي ٿو، سو وڌيڪ لذيذ ٿئي ٿو.“
اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! تون هڪ اهڙو باغ ۽ اهڙو چشمو آهين، جيڪو ٻين سڀني لاءِ بند آهي.
تون باغن کي پاڻي ڏيندڙ هڪ اهڙي چشمي وانگر آهين، جنهن مان هميشہ تازو ۽ مٺو پاڻي نڪري ٿو. تون وهندڙ پاڻيءَ جي نهر آهين، جيڪا لبنان جي جبلن تان هيٺ ٿي وهي.
جيئن گھڻو اڳ هو اسان جي ابن ڏاڏن کي گرم ۽ خشڪ بيابان مان سنڀالي وٺي ٿي ويو.“ هن کين اڃ جي ڪا تڪليف نہ ڏيکاري، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ ٽڪر مان پاڻي وهايائين. هائو، هن ٽڪريءَ کي چيريو تہ پاڻي بڙڪا ڏيئي نڪري آيو.
سو اي يعقوب جو اولاد! اوهين انهيءَ ملڪ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، جيڪو جھجھي اناج ۽ مئي سان ڀريل آهي، ۽ جنهن تي آسمان مان ماڪ وسندي پيئي رهي.
هن کي ٽيهہ پٽ ۽ ٽيهہ ڌيئر هيون. هن پنهنجيون سڀ ڌيئر ڌارين ۾ پرڻايون ۽ پنهنجي پٽن لاءِ ٽيهہ ڇوڪريون ڌارين مان ورتائين. ابصان ست سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.