Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ڏاهپ سڀني کان افضل شيءِ آهي، تنهنڪري اها حاصل ڪر. ڀلي کڻي تو وٽ ٻيو گھڻو ڪجھہ ڇو نہ هجي، پر ڏاهپ انهن سڀني کان وڌيڪ بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڏاهپ مکيہ شيءِ آهي، تنهن ڪري ڏاهپ هٿ ڪر: جيڪي بہ ٻيو تو وٽ هجي تنهن هوندي بہ سمجهہ هٿ ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي مون کي ڏاهپ ۽ علم عطا ڪر تہ جيئن آءٌ صحيح نموني انهن جي اڳواڻي ڪري سگھان، نہ تہ تنهنجي هيڏي ساري قوم جي مٿان آءٌ ڪيئن انصاف سان حڪمراني ڪري سگھندس؟“


تنهنجي قاعدن جي وسيلي مون کي سمجھہ عطا ٿئي ٿي، تنهنڪري مون کي بدڪاريءَ واري هر راهہ کان نفرت آهي.


ڏاهپ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي، بلڪ سون کان بہ وڌيڪ افضل آهي.


اوهين ڏاهپ کي ائين ڳوليندا رهو، جيئن سون چانديءَ يا ڪنهن لڪل خزاني جي ڳولا ڪبي آهي.


ٺڳيءَ وسيلي حاصل ڪيل دولت ٻاڦ مثل آهي، جيڪا جلد گم ٿيو وڃي. جيڪي اهڙي دولت جي ڳولا ٿا ڪن، سي موت جي ڳولا ٿا ڪن.


سچائي، ڏاهپ، سکيا ۽ سمجھہ ملهہ ڏيئي بہ خريد ڪرڻ گھرجي، انهن کي اوهين پاڻ کان هرگز جدا نہ ڪريو.


ڏاهپ ۽ سمجھہ حاصل ڪر. منهنجي نصيحتن کي پوريءَ طرح دل ۾ سانڍي رک ۽ ڪنهن بہ هڪ کي نظرانداز نہ ڪر.


آءٌ ازل کان ئي وجود ۾ آندي ويئي هئس، هائو، ڌرتيءَ جي پيدا ٿيڻ کان بہ اڳ ۾.


مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ اولاد آهي ۽ نہ وري ڪو ڀاءُڀيڻ اٿس، بلڪل اڪيلو ئي آهي. تنهن هوندي بہ اهو هميشہ سخت پورهيو ڪندو ٿو رهي پر دولت مان ڍاپجي نہ ٿو. ڀلا اهو ڪنهن جي لاءِ هيتري ساري محنت ٿو ڪري ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجھي؟ اهڙي تڪليف واري زندگي گذارڻ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.


جيتوڻيڪ ڏاهپ دولت وانگر انسان جي حفاظت بہ ڪري ٿي، تہ بہ ڏاهپ جي ڄاڻ رکڻ مان هميشہ وارو فائدو اهو آهي جو اها ڏاهن کي زندگي بخشي ٿي.


جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“


پر خدا چيس تہ ’اي بي‌وقوف! اڄوڪي رات ئي تنهنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿيئي سو ڪنهن جو ٿيندو؟‘“


سچ تہ عيسيٰ مسيح جيڪو منهنجو خداوند آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري عظيم خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ