Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:27 - Muslim Sindhi Bible

27 کاٻي يا ساڄي پاسي نہ ڦرو متان ڀٽڪي نہ وڃو. هائو، پنهنجي پيرن کي بڇڙائيءَ واري رستي کان هميشہ جي لاءِ روڪي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 نڪي سڄي پاسي ڦر نڪي کٻي پاسي؛ پنهنجو پير بديءَ کان پري ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:27
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا ٻارؤ! اوهين اهڙي قسم جي ماڻهن سان وڃي شامل نہ ٿجو، بلڪ انهن کان پري رهجو.


سچار ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪابہ بدڪاري نہ ٿي اچي، بلڪ سچائي سندس رستي جي نگهباني ڪري سندس جان جي حفاظت ٿي ڪري.


سو اوهين وهنجو ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪريو. اوهين بڇڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو، جيڪي آءٌ اوهان ۾ ڏسان ٿو. هائو، بڇڙائيءَ کان توبهہ‌تائب ٿيو.


پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، نڪي انهيءَ ۾ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو.“


ان کان سواءِ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي يا کاٻي طرف ڦري اوهين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا نہ ڪندا.“


تنهنڪري خداوند اوهان جي خدا اوهان کي جيڪو حڪم ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو ۽ گمراهہ نہ ٿجو.


تون رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿيءُ. ان سڄيءَ شريعت تي ڌيان سان عمل ڪر جيڪا مون پنهنجي ٻانهي موسيٰ معرفت ڏني. انهيءَ کان ذرو بہ ساڄي يا کاٻي پاسي نہ ڦر، تہ جيئن جيڏانهن بہ تون وڃين تيڏانهن ڪامياب ٿئين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ