Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:21 - Muslim Sindhi Bible

21 انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ وسارجو، بلڪ انهن کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 انهن کي پنهنجي نظر کان نڪري وڃڻ نہ ڏي؛ انهن کي پنهنجي دل ۾ سنڀاليو اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:21
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا! آءٌ انهيءَ ۾ خوش آهيان، جو تنهنجي مرضي پوري ڪريان، بلڪ تنهنجي شريعت تہ منهنجي دل ۾ سمايل آهي.


اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ جيڪي ڳالهيون اوهان کي سيکاريان ٿو سي سکي وٺو. آءٌ جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوان ٿو سو ڪڏهن بہ نہ وسارجو.


ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ اوهان جو فائدو آهي. اوهين اهي قول چڱيءَ طرح ياد رکو تہ جيئن ڪنهن کي هڪدم ٻڌائي سگھو.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين منهنجي نصيحتن ۽ هدايتن کي ياد رکجو، بلڪ انهن تي پوريءَ طرح عمل ڪندا رهجو.


اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ ۽ سمجھہ تي پوريءَ طرح قائم رهو ۽ انهن کان پاڻ کي پري نہ ڪريو.


ڀرپور شفقت ۽ سچائيءَ کي پاڻ کان جدا نہ ڪريو. انهن کي پنهنجي ڳچيءَ جو هار بڻايو، بلڪ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏيو.


سندن ڳالهين کي هميشہ پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکو ۽ انهن کي پنهنجي ڳلي جو هار بڻائي ڇڏيو.


انهن کي هر وقت پاڻ وٽ سانڍي رکو، بلڪ پنهنجيءَ دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏيو.


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ