Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:2 - Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ اوهان کي سٺيون صلاحون ٿو ڏيان. سو اوهين منهنجي نصيحتن کان منهن نہ موڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي چڱي تعليم ٿو ڏيان؛ اوهين منهنجو قاعدو نہ ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


پر جيڪڏهن اوهين ڦري ويندا ۽ جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون مون اوهان کي ڏنا آهن تن تي عمل نہ ڪندا ۽ وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ انهن اڳيان سر جھڪائيندا،


تون دعويٰ ٿو ڪرين تہ تون جيڪي چوين ٿو سو سڀ سچ آهي، ۽ خدا جي نظر ۾ تون بلڪل پاڪ صاف آهين.


آءٌ جيڪي بہ ڳالهائيندس سو سچيءَ دل سان ڳالهائيندس، آءٌ جيڪي بہ ڄاڻان ٿو سو منهنجا چپ خلوص سان ٻڌائيندا.


اهي ذري گھٽ مون کي ڌرتيءَ تان ئي فنا ڪرڻ تي هئا، تڏهن بہ مون تنهنجي قاعدن کان منهن ڪين موڙيو.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين منهنجي نصيحتن ۽ هدايتن کي ياد رکجو، بلڪ انهن تي پوريءَ طرح عمل ڪندا رهجو.


سو اسان جي وڏي يهوناداب جن ڳالهين جو اسان کي حڪم ڏنو هو، تن تي عمل ڪندي اسان، اسان جي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن ڪڏهن بہ مئي نہ پيتي آهي،


جهڙيءَ طرح ڪچن ٻوٽن تي وسڪارو ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تعليم برسات وانگر پيئي وسندي. هائو، جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي ڦُڙڦُڙ پوندي آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تقرير ماڪ جيان پيئي پوندي.


جيڪڏهن تون ايمان وارن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندو رهندين تہ عيسيٰ مسيح جو سٺو خدمتگار ثابت ٿيندين. انهيءَ سان گڏ ايمان وارين ڳالهين ۽ سٺي تعليم سان پرورش پائيندين، جن تي تون هلندو رهيو آهين.


هن لاءِ لازمي آهي تہ جيڪو ڀروسي وارو پيغام سيکاريو وڃي ٿو تنهن تي قائم رهي، تہ جيئن هو صحيح تعليم سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ۽ مخالفن جو وات بہ بند ڪري سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ