Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 4:18 - Muslim Sindhi Bible

18-19 بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پر سچن جي واٽ چمڪندڙ روشنائيءَ وانگر آهي، جا وڌيڪ چمڪندي چمڪندي ڪامل ڏينهن تائين پهچي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 4:18
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو صبح جي انهيءَ روشنيءَ مثل آهي، جيڪا سج اڀرڻ مهل بنا ڪڪر جي ظاهر ٿئي ٿي، يا جيڪا روشني مينهن بعد ڌرتيءَ جي نرم گاهہ تي پيل ڦڙن کي چمڪائي ٿي.‘


تنهنجي زندگيءَ جي اونداهي گھڙي بہ صبح جهڙي روشن ٿيندي، هائو، تنهنجي زندگي منجھند جي روشنيءَ کان بہ وڌيڪ روشن ٿيندي.


سو سچار ماڻهو منهنجي حالت کان ڊڄي پنهنجي راهہ تي پختا رهن ٿا، هائو، جن جا هٿ صاف آهن سي وڌيڪ مضبوط ٿيندا وڃن ٿا.


مگر هو منهنجي راهہ کان واقف آهي، هو جڏهن بہ مون کي پرکيندو تہ آءٌ نج سون جيان کرو نڪرندس.


هلندي هلندي سندن طاقت جيئن پوءِ تيئن وڌندي وڃي ٿي. بيشڪ اهي صيئون ۾ پهچي تو معبودن جي معبود جو ديدار ڪندا.


سچار ماڻهن جي مٿان خدا جو نور نازل ٿئي ٿو، هائو، سچيءَ دل وارن کي خوشيون عطا ٿين ٿيون.


سچار ماڻهو روشن ۽ چمڪندڙ ڏيئي مثل آهن، مگر بدڪار ماڻهو وسامندڙ ڏيئي جيان آهن.


عقلمند ماڻهو اهڙو رستو اختيار ٿا ڪن، جيڪو کين زندگيءَ ڏانهن وٺيو وڃي. هو اهو رستو نہ ٿا وٺن جيڪو موت ڏانهن وٺيو وڃي.


تنهنڪري اوهين نيڪ ماڻهن جي رستي تي هلو، ۽ ايمانداريءَ واري زندگي گذاريو.


سو ڏاهپ سان ئي اوهين ايمانداري، انصاف ۽ سچائيءَ کي بلڪ هر چڱي راهہ کي سمجھي سگھندا.


سچارن جي رستي ۾ ڪو کڏو کوٻو ڪونهي، هائو، اي خداوند! تون ئي سندن رستو سنئون سڌو بڻائين ٿو.


ڏاها ماڻهو آسمان جي نور جيان چمڪندا، جن جي ڪوشش سان گھڻا ئي سچائيءَ جي پاسي آيا هوندا. اهي ڏاها ماڻهو هميشہ هميشہ لاءِ تارن وانگر پيا چمڪندا.


اچو تہ خداوند سان رابطو رکي سندس وڌ کان وڌ طالبو ٿيون، هائو، هو يقيناً اسان وٽ ايندو، جيئن روزانو صبح جو سج نڪري ٿو. هو برسات وانگر اسان وٽ اچي ڪڙڪندو، هائو، بهار جي برسات وانگر، جيڪا زمين کي ريج ڏيو ڇڏي.


جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي جهان لاءِ روشنيءَ مثل آهيو.


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پيءُ جي واکاڻ ڪن، جيڪو آسمان تي آهي.“


تہ جيئن اوهان جو پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو.


ٻئي دفعي عيسيٰ فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“


سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلوي جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس عظيم صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم خداوند پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ڪري ٿو.


تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ گمراهہ ماڻهن جي هن دنيا ۾ خدا جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آسمان ۾ ستارا


انهيءَ واقعي جي ڪري نبين جي معرفت مليل پاڪ ڪلام تي اسان جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سو اوهين چڱو ڪندا جو انهيءَ تي ڌيان ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهو هڪ ڏيئي وانگر آهي جيڪو اونداهيءَ ۾ روشني ٿو ڏئي ۽ اهو تيستائين روشني ڏيندو، جيستائين پرهہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو، يعني مسيح وري اچي اوهان جي دلين ۾ چمڪي.


ان جي بدران اوهين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي عظمت جي واکاڻ هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو جلوو ان کي روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.


اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


اي خداوند! ڀل تنهنجا سڀ دشمن ائين برباد ٿين. تو کي پيار ڪرڻ وارا ڀل انهيءَ سج جيان هجن، جيڪو پوري آب وَ تاب سان اُڀري ٿو.“ پوءِ ملڪ ۾ چاليهن سالن تائين امن وَ امان رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ