17 بيشڪ بدڪاري هنن جي خوراڪ مثل آهي ۽ ظلم سندن مئي مثل آهي.
17 ڇالاءِ جو هو شرارت جي ماني ٿا کائين؛ ۽ ظلم جو شراب ٿا پيئن.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا انهن سڀني بدڪارن کي ڪا سمجھہ ڪانهي؟ هو منهنجي ماڻهن کي ائين ٿا کايو وڃن جيئن ماني کائبي آهي. اُهي مون خداوند جو نالو ڪڏهن بہ نہ ٿا وٺن.“
نيڪ ماڻهو پنهنجي سچائيءَ جي ڳالهين جو ڦل کائين ٿا، مگر دغاباز ماڻهو ٻين تي ظلم ڪرڻ سان بہ نہ ٿا ڀرجن.
ٺڳيءَ سان حاصل ڪيل کاڌو انسان کي مزيدار تہ لڳي ٿو، مگر بعد ۾ انهيءَ جو وات ڄڻ تہ واريءَ سان ڀريل آهي.
”لڪ ڇپ ۾ پيتو ويندڙ پاڻي وڌيڪ مٺو لڳي ٿو، ۽ جيڪو کاڌو لڪ چوريءَ ۾ کائجي ٿو، سو وڌيڪ لذيذ ٿئي ٿو.“
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ڪوڙ ڳالهائي بدڪاري وڌائيندا ٿا وڃو. هائو، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي قيمتي سامان کي مضبوط رسن سان ٻڌي هلي ٿو، تيئن ئي اوهين پنهنجي گناهن کي پنهنجو پاڻ سان ٻڌي ٿا هلو.
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ کي چڱائي ۽ چڱائيءَ کي بڇڙائي ٿا سڏيو، جيڪي روشنيءَ جي بدران اونداهي، ۽ اونداهيءَ جي بدران روشني ٿا ڪري ڇڏيو، جيڪي ڪؤڙي کي مٺو ۽ مٺي کي ڪؤڙو ٿا ڪري ڇڏيو.
ياد رکو، پنهنجن دوستن کان خبردار رهو، پنهنجن ڀائرن تي بہ اعتبار نہ رکو، ڇاڪاڻ تہ ڀاءُ ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري ۽ دوست دوست جي گلا ٿو ڪري.
نبي سڏائيندڙن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪرڻ وارؤ! جيڪي اوهان کي کارائين پيئارين ٿا، تن سان منهنجي طرفان امن وَ سلامتيءَ جو واعدو ٿا ڪريو. پر جيڪي اوهان جو وات نہ ٿا ڀرين، تن کي اوهين منهنجو نالو وٺي آفتن اچڻ جا دڙڪا ٿا ڏيو.
اوهان جي شاهوڪار ماڻهن غريبن تي ظلم وَ زبردستي پئي ڪئي آهي. اوهين سڀ ڪوڙا آهيو، ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون پيا ڪريو.
هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.
انهيءَ شهر جا عملدار چيريندڙ ڦاڙيندڙ شينهن آهن، ۽ قاضي بکايل بگھڙ آهن، جيڪي صبح تائين ڪجھہ بہ نہ ٿا ڇڏين.
”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.